اسلام ڪوٽ ۾ سرداري نظام خلاف ريلي

اسلام ڪوٽ(ت ر)”سرداري نظام نامنظور“اسلام ڪوٽ ۾ عوامي تحريڪ پاران ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو،اُنهي حوالي سان عوامي آواز ميڊياگروپ پاران ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“جي عنوان هيٺ اعلانيل ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ عوامي تحريڪ ٿرپارڪر جي صدر اڀايو جوڻيجو،سنڌي هاري تحريڪ جي صدر ڪلتار ميگهواڙ،رحمان نهڙي،اعظم مريداڻي،سجاڳ ٻار تحريڪ ٿرپارڪر جي صدر نارائڻ سنڌي،دليپ ڀيل ۽ ٻين اسلام ڪوٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري جاگيرداري نظام خلاف سخت نعريبازي ڪئي،اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هن سماج جي سمورين بيمارين جي جڙ جاگيردار نظام آهي،جنهن خلاف ثابت قدمي سان جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي،عوامي تحريڪ پهرين ڏينهن کان ڏيرشاهي خلاف عملي ميدان ۾ آهي، عوامي آواز سنڌ جي عوام کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جو پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي،سموري سنڌ کي گُهرجي ته هُو هن سڏ ۾ سڏ ڏين،ڀوتارڪي نظام جي ڇوٽڪاري کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي.

  • ٺٽي ۾ ”عوامي آواز“  جي سڏ کي ڀرپور موٽ

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌ جي محبوب اخبار عوامي آواز جي سڏ ”سنڌ جو نعرو، سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ کي ٺٽي ۾ ڀرپور موٽ، سياسي سماجي تنظيمن سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف جدوجھد کي پنھنجي سياسي ايجنڊا ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ٺٽي سياسي سماجي تنظيمن عوامي رابطا تحريڪ جي صدر غلام سرور پليجو عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو آھي ته عوامي آواز ھميشا جيان پنھنجو سنڌ دوست ڪردار ادا ڪيو آھي، جاگيرداري ۽ سرداري نظام سنڌ جي وحدانيت لاءِ خطرو آھي، ھن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو ھجي يا بحريا ٽائون يا ڌارين کي آباد ڪرڻ جو مسئلو ھجي پر عوامي آواز ھر ڀيري پنھنجو ڪردار شاندار نموني سان نڀايو آھي، اسان عوامي آواز تي فخر ڪريون ٿا. پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل سيڪريٽري نظير جاکرو چيو ته سردارن ۽ جاگيردارن سنڌي قوم استحصال ڪيو آھي، عوامي آواز ھميشا مھاڏو اٽڪايو آھي، پورھيت مزاحمت تحريڪ ٺٽي جي اڳواڻ ذاڪر شاهه چيو ته عياشي جي صنعت جيڪا ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام شامل آھي. پورھيت مزاحمت تحريڪ طرفان حيدرآباد ۾ ايندڙ مھيني سرداري ۽ جاگيرداي نظام، شھيد ناظم جوکيو جي قتل ۽ ماحوليات بابت ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي. عوامي رابطا تحريڪ جي راڻي ڀٽو چيو ته پليجي صاحب سڄي زندگي جاگيرداري ۽ سرداري نظام خلاف جدوجھد ڪئي، عوامي آواز جي سڏ کي لبيڪ چئي ھن ظالم نظام مان جان آجي ڪرائڻ لاء جدوجھد جاري رکبي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو جي اڳوڻي سيڪريٽري فقير اڪرم، نوجوان صحافي اقبال جاکرو چيو ته عوامي آواز جو سرداري نظام کان ڇوٽڪاري وارو نعرو وقتائتو آھي، وقت اچي ويو آھي، سنڌ کان سردارن کان نجات ڏياريون، عوامي آواز سنڌ جي مظلوم ماڻھن جو آواز آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.