وقت کان اڳ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن: منظور وساڻ

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ چيو آهي ته جرمني ڀارت ۽ يورپي ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال گهڻو عرصو اڳ ڪيو ويو هو جيڪو اسان هاڻي ڪيون پيا ٻاهرين ملڪن ۾ ووٽنگ مشين جو تجربو ڪامياب نه ٿيو هتي ڪئين ٿيندو منظور وساڻ چيو ته اسان وٽ بجلي ناهي ته اليڪشن ۾ ووٽنگ مشين پراپر نموني سان ڪٿان هلنديون اسان چاهيون ٿا وقت کان اڳ صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن پنجاب ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جو سخت مقابلو ٿيندو

  • پ پ سجاول ضلعي ۾ ڪي به اختلاف ناهن: ارباب وزير

ٻنون (ن ع آ) پ پ سجاول ضلعي جي تنظيم، اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن وچ ۾ ڪي به اختلاف ناھن. پ پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ سمورا اڳواڻ ۽ چونڊيل نمائيندا ھڪ پيج تي متحد ۽ منظم آھن. اھڙو اظھار پ پ جي سابق ايم اين اي سابق ضلعي صدر ارباب وزير احمد ميمڻ، پ پ ضلعي سجاول جي سينئير نائب صدر ارباب ڪامران ميمڻ ٻنون لڳ ڳوٺ اسماعيل سومرو ۾ پ پ جي پراڻي جيالي غلام مصطفي سومرو طرفان منعقد ڪيل عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ھنن چيو ته ملڪ شديد مختلف بحرانن جي ور چڙھيل آھي. فقط پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي باصلاحيت قيادت ھن ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگھي ٿي. پ پ ڪارڪن ۽ عوام چونڊن جي تياري ڪن. 2022 اليڪشن جو سال آھي. انشاالله ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو. ھنن وڌيڪ چيو ته پ پ سجاول ضلعي جي تنظيم اڳواڻ ۽ چونڊيل نمائيندا بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ سڀ ھڪ پيج تي گڏ آھن. اڳواڻن وچ ۾ اختلافن وارين خبرن ۾ ڪابه صداقت ناھي. ان کان اڳ پ پ اڳواڻ غياث ميمڻ، پيپلز يوٿ جي ضلع جي صدر ذاھد کڏو، محمد خان ڪڇي، غلام مصطفي سومرو، لونگ مھيشوري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

  • ٺٽي ۾ شهيد فهميده سيال ۽ شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) عوامي رابطا تحريڪ پاران شهيد فهميده سيال ۽ شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب کي عوامي رابطا تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊوڪيٽ غلام سرور پليجو، سنڌ صوفي سنگت جي آڪاش ملاح، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئنور، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل اشرف سمون، سنڌي ادبي سنگت جي فقير اڪرم منڱهار، عوامي رابطا تحريڪ عورت ونگ جي صدر تنزيلا خاصخيلي، راڻي ڀٽو، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر فرحان شمس ميمڻ، سينيئر صحافي خدا بخش بروهي، علم دين رند ۽ ٻين چيو ته شهيد فهميده سيال ۽ شهيد ناظم جوکيو جي قتل ۾ ملوث حڪومتي ڌر جا ايم پي اي هجڻ سان گڏ انتهائي بااثر سردار ۽ ڀوتار آهن جن کي هن وقت به مڪمل طور تي سرڪاري آشيرواد حاصل آهي ۽ روزانو طاقتور سردار، ڀوتار ۽ انهن جا واٺا غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي بيدردي سان ماريندا رهندا ۽ روزانو هنن جون امڙون، ڀينرون ۽ ونيون ماتم ڪندي چوڪن ۽ رستن تي دانهون ۽ رڙيون ڪنديون رهنديون هنن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ سرداري، ڀوتارڪي نظام کي مختلف طريقن سان طاقتور بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.