پ پ جا گبر سنگهه بدين جي پاڻي مان جاگيرون آباد پيا ڪن: عوامي تحريڪ

گولاڙچي (رپورٽ:عيدن زندپور) عوامي تحريڪ طرفان گولاڙچي شھر ۾ شھيد فاضل راھو چوڪ کان ريلي ڪڍي بعد ۾  لاڙ بچايو، سنڌ بچايو جي عنوان تحت ڪانفرس ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خطاب ڪندي چيو ته سڄي سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ھن چيو ته   گولاڙچي سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ تيل ۽ گئس جا ذخيرا آھن.  بدين   بلاڪ ۾  سڄي ملڪ جي مجموعي گئس جي پيداوار جو  70 سيڪڙو پيدا ٿئي ٿو بدين بلاڪ مان ايترو ئي تيل پيدا ٿئي ٿو  جيڪو تيل ۽ گئس  وفاق گذريل 40 سالن کان  کڻي رھيو آھي  تيل ۽ گئس جي دولت سان مالا مال  ضلعو بدين  سڄي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ غريب ترين ضلعو بڻجي ويو آھي. شھيد عوام فاضل جو تاريخي ضلعو بدين تباهه ٿي موھن جي دڙي ۽ روپا ماڙي جي کنڊرن جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي. ھن ضلعي جي واھن جو پاڻي گذريل چئن سالن کان لاڳيتو بند ڪيو ويو آھي بدين جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ لاء  ڦليلي ڪينال جي ريگيو ليٽرن تي راڪاس دڪا لڳائي  حڪمران پيپلز پارٽي جا گبر سنگھ ڌاڙيل  فلڊ ڪينالن رستي پنھنجون سکر بئراج جي ڪمانڊ جون جاگيرون آباد ڪري رھيا آھن   بدين ۽ لاڙ جي سڀ کان وڌيڪ تباھي سنڌ تي راڄ ڪندڙ پيپلز پارٽي  جي دور حڪومت ۾ ٿي آھي جيڪا پارٽي  گذريل 14 سالن کان سنڌ تي راڄ ڪري رھي آھي، بدين ضلعو جيڪو شوگر ڪين اسٽيٽ ھو جتي 6 عدد شوگر ملون آھن  ان ضلعي مان  ڪمند جو خاتمو ٿي ويو آھي  بدين ضلعي ۾ سمنڊ ڪو نہ  ھو انڊس ڊيلٽا کي تباھ ڪري ھٿرادو طور تي بدين جي لکين ايڪڙ زمينن تي سمنڊ ۾ آندو ويو آھي،  لاڙ جا ٻہ تاريخي ضلعا ٺٽو ۽ بدين  جنھن ۾ ھاڻ سجاول ضلعو پڻ شامل آھي اھي تيزي سان سمنڊ ۾ غرق ٿي رھيا آھن  ھيل تائين سمنڊ  ٽنھي ضلعن جي اٽڪل 30 لک ايڪڙ زرعي ۽ انساني آبادي واري ايراضي کي ڳڙڪائي ويو آھي  ماھرن حڪومت کي رپورٽ ڏني آھي تہ  جيڪڏھن سمنڊ جي ڪاھ کي تڪڙو نہ روڪيو ويو تہ لاڙ جا ٽي ضلعا بدين ٺٽو ۽ سجاول کي سمنڊ  30 کان  40 سالن اندر مڪمل طور تي ڳڙڪائي ويندو. ڪانفرنس ۾ مختلف ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن ٽيبلو پيش ليا. مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاڻي  ڏاهري، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر مير نور محمد ٽالپرسنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سچل هاليپوٽو، زرقا هاليپوٽو، جنت ھاليپوٽو ـ بختاور جمالي ـ سنڌ جمالي پرويز ميمڻ ۽ ٻين  خطاب ڪيو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.