گئس بحران، ڪراچي کان خيبر تائين چلها ٿڌا ٿي ويا، عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان

ڪراچي( رپورٽر/ م ڊ) سنڌ سميت ملڪ اندر گئس بحران سبب هڪ طرف عوام ٻه ويلا ماني کان محروم ٿي ويو آهي، ٻئي طرف صنعتي ڦيٿو به رڪجي ويو آهي. سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي سان گلگت ۾ به گئس کوٽ سبب ٻه ويلا ماني پچائڻ مشڪل بڻجي ويو. هوٽلن جو ڪاروبار به سخت متاثر ٿي ويو آهي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر،لاڙڪاڻي، لاهور، پشاور، ڪوئٽا ۽ ٻين شهرن ۾ گئس اڻلڀ ٿي وئي. بلوچستان ۾ رت ڄمائيندڙ گرمي ۾ شهري گرم چانهه سان گڏ هيٽر هلائڻ کان به محروم ٿي ويا. هوڏانهن ڪراچي جي ڪاروباري شخصيت زبير موتي والا چيو آهي ته ڪراچي جي صنعت لاءِ گئس ناهي، حڪومتي قدمن مان مطمئن ناهيون،حڪومت بروقت ايل اين جي گهرائي ها ته گئس جي کوٽ نه هجي ها.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.