مستونگ ۾ گاڏي تي فائرنگ ۾ 4 ڄڻا قتل، 3 زخمي

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ گاڏي تي فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

ليويز اختيارين موجب مستونگ ۾ فائرنگ جو واقعو باءِ پاس روڊ تي پيش آيو، جتي اڻڄاتل ماڻهن گاڏي تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني ۽ فرار ٿي ويا.

فائرنگ جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، واقعي کانپوءِ ليويز فورس پهچي وئي، جنهن مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

واقعي ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ مير محمد خان، رحمت الله، محمد سليم ۽ يحيٰ جي نالن سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ محمد قديم، لقمان ۽ نعمت الله شامل آهن.

مارجي ۽ زخمين جو واسطو مستونگ، ڪوئيٽا ۽ نوشڪي سان ٻڌايو ويو آهي.

ليويز اختيارين موجب علائقي جي ناڪابندي ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.