جيڪب آباد: نيشنل پارٽي جو جمس ڊائريڪٽر جي ٻِيهر مقرري ۽ دوائن جي کوٽ خلاف احتجاج

جيڪب آباد ۾ نيشنل پارٽي پاران جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڊائريڪٽر جي ٻيهر مقرري، اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ آپريشن بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن عابد سنڌي، محمد ٽالاڻي، مولاداد پيچوهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بخش پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جمس کي تباهه  ڪرڻ لاءِ ٻيهر عبدالواحد ٽگڙ کي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو پيو وڃي، 10 سال ٿي ويا آهن پر هن وقت تائين ايمرجنسي بند آهي، اسپتال ۾ دوائن سميت غريب مريضن کي ڪابه سهولت نٿي ملي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان  مطالبو ڪيو ته اسپتال مان دوائن جي کوٽ ختم ڪري، ڪنهن ٻئي ڊائريڪٽر کي مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.