شگر جي مريضن لاءِ انتهائي فائديمند ٻوٽو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شگر جا مريض هر قسم جو مٺو کائڻ ڇڏي ڏيندا آهن، ان سان گڏوگڏ جيڪي ماڻهو پنهنجي صحت جي حوالي سان پريشان هوندا آهن، اهي به مٺو کائڻ گهٽ ڪري ڇڏيندا آهن.

پر هڪ اهڙي شئي به موجود آهي، جيڪي کنڊ جي متبادل آهي.

اسٽيويا نالي هڪ ٻوٽو انساني صحت لاءِ انتهائي فائديمند آهي، جنهن جو پائوڊر کنڊ جي جاءِ تي استعمال ٿي سگهي ٿو.

ڪراچي يونيورسٽي جي فوڊ سائنسز جي پروفيسر ڊاڪٽر غفران سعيد موجب اهو پائونڊر عام کنڊ کان ٽيڻ تي مٺو هوندو آهي، تنهن ڪري ڪمرشلي طور تي ان کي مختلف شين سان گڏائي کپايو ويندو آهي.

ڇو ته اها هڪ قدرتي شئي آهي، تنهن ڪري جسم لاءِ به فائديمند هجي ٿي ۽ کنڊ جيان نقصان به ناهي پهچائيندي.

اسٽيويا جا پَن رت ۾ شگر جو مقدار گهٽ ڪندا آهن، جڏهن ته بلڊ پريشر کي به ڪنٽرول ۾ رکندا آهن.

ڊاڪٽر غفران ٻڌايو ته اولهه ملڪن ۾ ان جو وڪرو عروج تي آهي، ان جي پوک وچين مند ۾ ٿيندي آهي ۽ اهو اسان جي ملڪ ۾ به ڪيترين ئي جاين تي پوکيو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن منظم طريقي سان ان جي پوک ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ ان جي پراسيسنگ جي انڊسٽري لڳائي وڃي ته اهو ملڪي معيشت لاءِ انتهائي فائديمند ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.