”استري“ ڪندي سڙيل ڪپڙن کي صاف ڪرڻ جا بهترين ۽ سَولا طريقا

اڄ اسان توهان کي ڪپڙن تي لڳي ويندڙ استري جي نشان کي هٽائڻ جا ٽوٽڪا ٻڌائينداسين.

گهڻي قدر استري ڪندي ڪڏهن ڪڏهن ڪو اوچتو ڪم ڪار ياد پئجي ويندو آهي ۽ ماڻهو استري کي ڪپڙن جي مٿان رکي ان جاءِ تان هليو ويندو آهي ۽ جنهن وقت واپس ايندو آهي ته ڪپڙن تي گرم استري جو نشان بيهجي ويندو آهي جيڪو بلڪل استري جيان ئي ٺهي پوندو آهي ۽ پوءِ ڪپڙا پهرڻ کان هليا ويندا آهن.

اهڙو نشان ڪپڙن تان لاهڻ تمام گهڻو ڏکيو هوندو آهي ايتري تائين جو ماڻهو ڪپڙا اهي استري سان سڙيل ڪپڙا پهرڻ ئي ڇڏي ڏيندا آهن.

هاڻي اسان توهان کي هتي ڪجهه طريقا ٻڌائينداسين جن سان توهان ڪپڙي تي لڳل ان استري جي سڙيل نشان کي سولائي سان ختم ڪري سگهو ٿا.

گرم پاڻي ۽ بليچ

جيئن ئي ڪپڙي تي داغ لڳڻ جو خطرو محسوس ٿئي ته فوري طور تي استري ڪپڙي کان هٽائي بند ڪري ڇڏيو ۽ انهن ڪپڙن کي گرم پاڻي ۾ وجهي ڇڏيو.

جيڪڏن ڪپڙو اهڙو هجي جنهن کي بليچ استعمال ڪرڻ کان نه روڪيو ويو هجي ته پاڻي ۾ ٿوري بليچ ملائي ڪپڙن کي 15 منٽن تائين ڇڏي ڏيو ۽ پوءِ ڌوئي سڪايو ڪپڙن تان نشان ختم ٿي ويندو.

واشنگ مشين ۽ ڊٽرجنٽ

جيڪڏهن داغ گهڻو تيز هجي ۽ بليچ سان نه وڃي ته ڪپڙي کي واشنگ مشين ۾ بهترين ڊٽرجنٽ سان گڏ وجهي مشين هلايو، بليچ جي استعمال کانپوءِ هاڻي ضرور اهو ڪپڙو صاف ٿي ويندو ۽ نشان ختم ٿي ويندو.

هائڊروجن پر آڪسائيڊ

هائڊروجن پرآڪسائيڊ بازار ۾ سستي اگهه تي ملي ويندو آهي.

داغ واري ڪپڙي کي اهڙي ريت رکو جيئن اهو داغ مٿي نظر اچي ۽ ان جي مٿان هائڊروجن پر آڪسائيڊ سان پسايل ڪپڙو رکو ۽ ان جي مٿان وري هڪ خشڪ ڪپڙي جو ٽڪرو رکو، هاڻي گرم استري(گهڻي گرم نه هجي) کي خشڪ ڪپڙي تي ڦيرايو، ٽي چار ڀيرا ائين ڪيو، ائين ڪرڻ سان سڀ کان هيٺيان وارو ڪپڙو جنهن تي داغ هوندو اهو پنهنجو داغ ڇڏيندو ويندو ۽ توهان جا ڪپڙا صاف ٿي ويندا.

اڇو سرڪو

هڪ ڪپڙي جي ٽڪري يا اسفنج کي پندر منٽ اڇي سرڪي ۾ آلو ڪري ڪپڙي جو داغ ان سان صاف ڪري سگهجي ٿو.

ياد رکو ته سرڪو ڳاڙهو يا صوف وارو نه هجڻ گهرجي ٻئي صورت ۾ اهو قميص کي وڌيڪ داغدار بنائي ڇڏيندو.

ليمو

داغ واري ڪپڙي تي ليمي جي رس لڳايو ۽ ٽب ۾ گرم پاڻي ڀري اڌ ڪلاڪ تائين ڇڏي ڏيو.

انکانپوءِ معمول جيان ان کي ڌوئي اس ۾ سڪائي وٺو.

نيل فائلر

ڪجهه داغ رهڙڻ سان به ختم ٿي ويندا آهن، نيل فائلر ان سلسلي ۾ بهترين آهن.

فائلر کي داغ واري حصي تي مناسب انداز ۾ رڳڙيو، چٽا امڪان آهن ته اهو داغ صاف ٿي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.