سڻڀ نقصان سان گڏ فائدا به پهچائيندو آهي

دنيا ۾ موجود هر شيءِ جا فائدا ۽ نقصان هوندا آهن اهڙي ئي ريت سڻڀ جا جتي نقصان آهن اتي ان جا فائدا به آهن.

تفصيل موجب امريڪن هرٽ ايسوسي ايشن جي سائنٽيفڪ سيشنز 2021 ۾ ڪيل هڪ تحقيق جي نتيجن ۾ چيو ويو آهي ته نباتاتي ذريعن مان حاصل ڪيل سڻڀ جهڙوڪ زيتون، ڪينولا، سورج مُکي جو تيل، ميوا ۽ ٻج فالج جهڙي موتمار بيمارين جي خطرن کي گهٽائيندا آهن.

ان جي مقابلي ۾ ڳاڙهو گوشت يا حيواني ذريعن مان حاصل ڪيل سڻڀ سان فالج جا خطرا وڌندا آهن.

ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مختلف غذائي ذريعن سان حاصل ڪيل سڻڀ جا قسم دل جي شريانن سان جڙيل بيمارين بشمول فالج جي روڪٿام جي لاءِ اهميت رکندي آهي.

ماهرن چيو آهي ته سڻب جا 2 بنيادي قسم آهن هڪ حيواني ذريعا ۽ ٻيو آهي گُلن مان حاصل ٿيندڙ سڻڀ، ٻنهي جي وچ ۾ ماليڪيولر ليول جو وڏو فرق هوندو آهي، حيواني ذريعن مان ملندڙ سڻڀ ۾ انهن ڪاربن ايٽمز جي وچ ۾ لاڳاپي جي کوٽ هوندي آهي جيڪي فيٽي ايسڊز کي جوڙيندا آهن.

ان تحقيق ۾ هڪ لک 17 هزار کان مٿي ماڻهن جي ڊيٽا جي جاچ پڙتال ڪئي وئي هئي، اهي سڀ ماڻهو تحقيق کان اڳ دل جي بيمارين کان محفوظ هئا، انهن ماڻهن کان هر چئن سالن کانپوءِ غذائي عادتن جي حوالي سان سوال نامو ڀرايو ويو.

نتيجن مان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو حيواني ذريعن مان حاصل ڪيل سڻڀ جو وڌيڪ استعمال ڪندا آهن انهن ۾ فالج جا خطرا ٻين جي ڀيٽ ۾ 16 سيڪڙو وڌي ويندا آهن، اهڙي ريت جيڪي ماڻهو ڀاڄين واري سڻڀ جو گهڻو استعمال ڪندا آهن انهن ۾ فالج جا خطرا 12 سيڪڙو گهٽجي ويندا آهن.

واضح رهي ته ڳاڙهو گوشت وڌيڪ کائيندڙن ۾ فالج جا خطرا 8 سيڪڙو تائين وڌي ويندا آهن جڏهن ته جيڪي ماڻهو پراسيس ڳاڙهو گوشت کائيندا آهن انهن ۾ اهي خطرا 12 سيڪڙو تائين وڌي ويندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.