پاڪستان ۾ اڌ کان وڌيڪ پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار هجڻ جو انڪشاف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 61 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته غير محفوظ پاڻي جي استعمال سان ڪينسر جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

رپورٽ ۾ ڪيل انڪشاف موجب پاڪستان ۾ پيئڻ لاءِ موجود رڳو 39 سيڪڙو پاڻي محفوظ، جڏهن ته 61 سيڪڙو غير محفوظ آهي.

ان حوالي سان وفاقي وزير اسد عمر چيو ته اسلام آباد ۾ هر ٽئين گهر ۾ ڪينسر جو مريض نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب پاڻي ۾ آرسينڪ جي موجودگي ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.