نصير آباد ۾ عورتن جو قبضي خلاف احتجاج

نصيرآباد (ت ر) نظام الدين ۽ ربنواز اوڍاڻو اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪري اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آھن اسان غريب ۽ مسڪين آھيون اھي ڀا اثر آھن اسان کي روز روز موتمارڌمڪيون ڏئي چون ٿا تـ اسان کي زمين لکي ڏيو نـ تـ ٻئي صورت ۾ اوھان کي بخش نـ ڪنداسين مسمات مسمات سبحان خاتون گلزار نصرت خاتون  سينگار علي دلدار علي پاران تعلقا پريس  ڪلب نصيرآباد ۾ دانھون ڪندي وڌيڪ چيو تـ  اسان مسڪينن جو ڪير بـ ٻڌڻ ۽ مدد ڪرڻ لاء تيار نـ آھي پوليس بـ سندن سان ٻٽ بڻيل آھي ھنن اعلا عملدارن آء جي سنڌ پوليس ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر کان کين تحفظ فراھم ڪرڻ سميت سندن جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو

  • لاڙڪاڻي ۾ جوابدار 50 گرام هيروئن سميت گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي انتظاميه شڪي همراهه کي گرفتار ڪري ٿيلهي ۾ موجود بال مان 50 گرام هيروئن هٿ ڪري قيدي سميت ٻن ڄڻن اهڙو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي سينيئر سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ ٻڌايو ته منجهند ڌاري جيل ٻاهريان گشت تي موجود اهلڪارن هڪ شڪي همراهه کي گرفتار ڪري سندس جي جسم جي مختلف حصن جي تلاشي وٺڻ تي سندس ساڄي کيسي مان سائي رتنگ جي پوليٿين ٿيلهي هٿ آئي جيڪا ٿيلهي اڇي ٽيپ سال ويڙهيل هئي، جڏهن ٽيپ کي هٽايو ويو ته ٻي ننڍڙي شفاف ٿيلهي اندران 50 گرام هيروئن هٿ آئي. جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اها هيروئن قيدي نادر پٽ عبدالستار ڏيرو ڏانهن اندر اڇلائڻ لاءِ شڪي همراهه کڻي آيو هو. وڌيڪ معلوم ڪرڻ تي شڪي همراهه پنهنجو نالو منور عرف جگنو پٽ اعظم خان چانڊيو ٻڌايو جنهن کان پوءِ کين هٿ آيل هيروئن سميت گرفتار ڪري حد جي وليد ٿاڻي تي قيدي نادر ڏيرو ۽ منور عرف جگنو چانڊيو مٿان گناهه نمبر 2021/140 تحت اهڙو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.