عمرڪوٽ ڀرسان ڊمپر جو ٻن موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، نوجوان فوت

عمرڪوٽ(رپورٽ:غلام مصطفيٰ مھر) عمرڪوٽ ڪنري روڊ تي درس پمپ اسٽاپ وٽ افسوس ناڪ روڊ حادثو پيش آيو آھي جتي تيز رفتارڊمپر ٻن موٽرسائيڪلن کي ٽڪر ھنيو جنھن سبب نوجوان وڪرم ڀيل فوت ٿي ويو جڏھن ته ٻارڙي پرڪاش ۽ نوجوان کيمچند سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا اطلاع تي عمرڪوٽ پوليس ۽ ڀرپاسي جي ماڻھن حادثي واري ھنڌ پُھچي فوتي نوجوان ۽ زخمين کي سول اسپتال عمرڪوٽ پُھچايو جتي فوتي وڪرم جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته زخمي کيمچند ۽ پرڪاش کي طبي امداد ڏيڻ بعد سندن حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آھي فوتي وڪرم مٺي تعلقي جي ڳوٺ ڦانگھاريو جو ٻڌايو وڃي ٿو جتي سندن گھر لاش پُھچڻ تي روڄ راڙو قھرام مچي ويو جڏھن ته عمرڪوٽ جي سڄاڻ ڌرين ڊمپر ڊرائيورن کي تيز رفتاري سبب معمول بڻيل روڊ حادثن جي روڪٿام لاء حڪومت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي ان ڏس ۾ سنڌ جي نامياري شاعر حاجي ساند ۽ وڪيل لالا ڀيل چيو آھي ته ڊمپر ڊرائيورن جي تيز رفتاري چيڪ ڪرڻ ۽ سيکڙو ڊرائيورن جو لائنسس ڏسڻ ٽريفڪ پوليس جي ذميواري آھي انھي تي عمل ڪرائڻ لاء حڪومت کي فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گُھرجي ته جيئن روڊ حادثن تي ظابطو اچي سگھجي .

  • 7 مهينا اڳ ڊمپر جي ٽڪر ۾3 ماڻهو فوت ٿي چڪا

عمرڪوٽ:تيز رفتار ڊمپرن ٻن سالن دوران 10 کان مٿي ماڻھن جون حياتيون کسي ورتيون آھن 7 مھينه اڳ ۾ ڇور روڊ تي ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل تي ايندڙ 33 سالن جو آسن ڀيل، 60 سالن جي پيرسن امڙ شريمتي ڏسران ڀيل ۽ 27 سالن جي سندن گھر واري شريمتي پٺاڻي فوت ٿي ويا ھئا جڏھن ته ڪنري روڊ تي 2 سال اڳ عمرڪوٽ ڪنري روڊ تي ڊمپر جي ٽڪر سبب 2 نوجوان انيل ڪمار پٽ ليکراج مالھي ۽ لالچند پٽ ڀانجي ڪولھي به فوت ٿيا ھئا اھڙي ريت ٻيا کوڙ حادثا پڻ شامل آھن .

  • ڊمپر ڊرائيور فرار، پوليس ڊمپر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

عمرڪوٽ:ڪنري روڊ تي موٽرسائيڪلن کي ٽڪر ھڻندڙ ڊرائيور فرار ٿي ويو جڏھن ته پوليس ڊمپرکي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو صحافين سان ڳالھائيندي ايس ايڇ او سٽي چيو ته اسان ڊمپر کي تحويل ۾ ورتو آھي ڊرائيور فرار ٿي ويو آھي جيئن فوتي جا وارث ايندا ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ته ڪيس داخل ڪري ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني ويندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.