ماتلي ۾ پروفيسر کان ڦر خلاف مظاهرو

ماتلي ( ت ر) بدين مان پروفيسر ارشد خاصخيلي کان موبائل ڦر واري عمل خلاف بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي جي استادن پاران ڪاليج جي مک گيٽ آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي پروفيسر عبدالجبار نظاماڻي, پروفيسر مقصود جتوئي ۽ رانا عدنان چيو ته بدين مان قابل احترام استاد پروفيسر ارشد خاصخيلي کان موبائل فون ڦر ڪئي وئي جنهن جي هو سخت  لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا, هنن چيو ته  ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ جي مقرري کانپوء بدين ضلعي ۾ ڪافي حد تائين امن امان واري فضا قائم ٿي آهي پر خبر نه آهي ڇو ڪجهه ڏوهاري عنصر  ايس ايس پي بدين صاحب جي ڪيل ڪوششن  کي ناڪام  بنائڻ چاهين ٿا انڪري هاڻي ڪجهه  ڏينهن کان بدين ضلعي ۾ به بدامني وڌي رهي آهي اسان ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي محترم استاد پروفيسر ارشد خاصخيلي کان موبائل ڦر ڪري سندس توهين ڪندڙ ڏوهارين کي فوري طور گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي ساڻس انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.