پيرڳوٺ ۾ آبپاشي ملازمن جو مظاهرو

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ ۾ آبپاشي پورهيتن پاران مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي ڪا جنرل بس اسٽينڊ وٽ ڌرڻو هنيون آهي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ مرڪزي اڳواڻ فقير محمد اعظم مڱڻيجو، گلشن آريجو ۽ ٻين سخت نعريبازي ڪندي چيو ته اسان جا جائز مطالبا رٽائرڊ ملازمن جي اولاد کي روزگار ڏيڻ، گروپ انشورنس، هيلٿ ڪارڊ، يوٽيلٽي الائونس ۽ ٻيا مطالبا حل نه ٿا ڪيا وڃن. جنهنڪري سخت پريشان آهيون. هنن چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون پر اسان مطالبا تسليم نه ٿا ڪيا وڃن. هنن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن اسان جا جائز ڄاڻايل مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته 18 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي کان بلاول هائوس تائين لانگ مارچ ڪري ڌرڻو هنيون ويندو جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.