فريد آباد ۾ ماستري جي اميدوارن جو مظاهرو

فريدآباد ( ن ع آ) يونين ڪائونسل خان جو ڳوٺ ۽ يوسي سيدپور جي نوجوان پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي پاس اميدوارن سليم چانڊيوـ عبدالوحيد جتوئي ـ زاھد حسين جتوئي ـ فرھاد جتوئي ـ ديدار سومرو فدا حسين چانڊيو ۽ نادر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ھنن چيو ته سالن کان اسان جي يونين ڪائونسل خان جي ڳوٺ سان رڪارڊ تي آهي جيڪا عبدالحميد جتوئي سان ڄاڻائي وئي آهي اھا ساڳي يونين ڪائونسل پڻ آهي پر اميدوارن جي رزلٽ لسٽ آء بي انتظاميا جاري ناھي ڪئي ـ جيڪا ھارڊ ايريا ۾ پڻ شامل آهي اسان جا ڊوميسائل ـ ريزيڊنٽ سرٽيفيڪيٽ ـ ڪارڊ پڻ يوسي خان جو ڳوٺ جي نالي سان پڻ ٺھيل آهن پربدقمستي سان  يوسي عبدالحميد جتوئي ڄاڻائي اسان جي لسٽ جاري ناھي ڪئي وئي ـ جيڪا وڏي ناانصافي پڻ آهي ـ  ھنن چيو ته ميريٽ لسٽ  يوسي خان جي ڳوٺ سان ڏني وئي آهي ـ جڏهن  ته ھاڻي  سياسي چالبازي ٿي سگهي ٿي ـ اسان جي لسٽ فورن جاري ڪئي وڃي .ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ـ تعليم جي صوبائي وزير سردار شاھ ـ آء بي انتظاميا ـ ڊي سي دادو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ۾ پاس اميدوارن جا نالا يوسي خان جو ڳوٺ ۽ يوسي سيدپور جي لسٽ جاري ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ پر امن احتجاج جاري رھندو ـ جڏهن ته سڀاڻي ( اڄ ) فريدآباد ۾ احتجاجي مظاھري  جو پڻ اعلان ڪيو ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.