چمبڙ جا آبادگار ۽ سندن مسئلا

تحرير؛ذوالفقار کوسو

عوامي حڪومت جي دعوا ڪندڙ پپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي ننڍن آبادگارن ۽ هارين سان ظلم جي انتها ڪئي پئي وڃي، هڪ طرف پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي بند ڪري انهن کي خودڪشين تي مجبور ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف روينيو ڊپارٽمنٽ جي مدد سان انهن جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، جنهن جو هڪ مثال چمبڙ جي آبادگارن جي 283 ايڪڙ زمين جا کاتا تبديل ڪري قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، تعلقي چمبڙ جون زمينون جنن جو شمار سنڌ ڌرتي جي بهترين زمينن ۾ ٿئي ٿو، هاڻي قبضا مافيا جي نظر انهن زمينن تي آھي، تعلقه چمبڙ جا آبادگار پنهنجي زمين جي کاتن ۾ هيرڦار خلاف احتجاج ڪري رهيا آھن،آبادگارن اها زمين 1983 ۾ خريد ڪئي هئي ۽ انهي زمين جو سينو چيري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي رهيا هئا،سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هو ته اوچتو 2010 ۾ ڪراچي جي هڪ سرمائيدار اها دعوا ڪئي ته اها زمين منهنجي آھي،۽ انهي سرمائيدار روينيو ڊپارٽمينٽ چمبڙ جي عملدارن ۽ روينيو بورڊ جي سينيئر ميمبر کي ڪروڙين روپيا رشوت ڏيئي آبادگارن جي کاتن ۾ ھيرڦار جي ڪوشش ڪئي، جيئن اها خبر آبادگارن تائين پهتي ته انهن هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪئي، هاءِ ڪورٽ آبادگارن جا ڪاغذات ۽ وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اسٽي آرڊر جاري ڪيو، اها پٽيشن اڃان تائين هلندڙ ھئي ته ڪجهه ٽائم پهرين هڪ دفعو وري روينيو ڊپارٽمنٽ چمبڙ جي اي سي ، مختيارڪار ۽ سپروائزر هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي آبادگارن جا کاتا تبديل ڪري ڇڏيا۔.آبادگارن هاءِ ڪورٽ ۾ ڪنٽيم داخل ڪئي پر پهرين تاريخ تي هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود روينيو ڊپارٽمنٽ چمبڙ جا عملدار پيش نه ٿيا،جج صاحبان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هڪ ٻي تاريخ ڏني، ۽ آبادگارن جا احتجاج به هلندڙ آھن پر ڪير به سندن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھي، روينيو منسٽر کان وٺي اسيمبلي ۾ ويٺل سڀ کاتن جي تبديلي ۾ ڌر قبضه مافيا جي ڌر بڻيل آھن، جنهن جو واضع ثبوت اهو آھي ته آبادگار حد جي ايم پي اي ۽ ايم اين ئي وٽ به ويا پر انهن به آبادگارن جي هڪ نه ٻڌي، ۽ هو روينيو ڊپارٽمنٽ چمبڙ جي عملدارن سان به مليا ۽ کين پنهنجو زمين جو رڪارڊ ڏيڻ لاءِ چيائون اهو رڪارڊ جنهن ۾ انهن هيرڦير ڪئي آهي پر روينيو ڊپارٽمنٽ چمبڙ انهن کي اهي ڪاغذات به ڏيڻ کان انڪار ڪيو،آبادگارن سان ٿيندڙ انهي ظلم خلاف سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ احتجاج به ٿيا آھن پرڪنهن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، آبادگارن جي انهي زمين تي ٽيهه کان مٿي ڳوٺ به آباد آھن ۽ اتي رهندڙ هزارين ٻارڙن عورتن۔جوانن ۔ ٻڍن جو مستقبل انهي زمين سان وابسطه آھي، آبادگارن جي اڳواڻي ڪندڙ آبادگار اڳواڻ سائين ارباب رستماڻي ٻڌايو ته اسان 1983 ۾ اها زمين خريد ڪئي اسان وٽ مڪمل ڪاغذات به موجود آھن، ۽ انهن ڪاغذن جي بنياد تي اسان نيشنل بئنڪ مان لون به کنيو، ۽ اهو ادا به ڪري ڇڏيو،بئنڪ لون ڏيڻ کان پهرين روينيو ڊپارٽمنٽ کان ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ به گهرندي آھي ته ڪٿي انهي زمين تي پهرين ڪو قرض وغيرا رهيل ته ناهي ۽ اها زمين قرض کڻندڙن جي ئي ملڪيت آھي يا نه، اسان وٽ ته روينيو وارن جا ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ به موجود آھن جيڪي روينيو ڊپارٽمنٽ چمبڙ ئي جاري ڪيا هئا ، ۽ انهن سڀني ڪاغذن جي هوندي به داداگيري ڪري اسان جي زمين جا کاتا تبديل ڪيا ويا آھن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.