شهزاد اڪبر، ذلفي بخاري ۽ شهباز گل جا نالا اي سي ايل ۾ وجهو: ن ليگ

لاهور(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ شهزاد اڪبر، ذلفي بخاري ۽ شهباز گل جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيولاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته گهرو وزارت جو ڌيان ڪنهن ٻئي طرف آهي، جتي شيخ رشيد وزير هوندو اتي ڇا ٿيندوعطا تارڙ چيو ته کيس ايترو جلد ڀڄڻ نه ڏينداسين، کنڊ، اٽو ۽ دوائون مهانگيون ڪرڻ تي مٿس ڪيس داخل ڪنداسين، عمران خان کي بيوقوف بڻائڻ وارو شهزاد اڪبر آهي، شهزاد اڪبر کي بيوقوف بڻائي ڇڏيو، هاڻي ته سئو روپيا به آهن تھ سمجھو ڪجهه به نه ڪيو آهي هن چيو ته هو شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل جهڙن پرڏيهين جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ قانوني مشاورت ڪنداسين هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف هڪ سال کان هلندڙ ڪيس ۾ ڪرپشن جو هڪ به ثبوت عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو ويو

  • ڪراچي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ ھڪ ڄڻو زخمي

ڪراچي (رپورٽر) بلديا سوات ڪالوني ۾ هڪ ھوٽل ويجھو فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس جي سڃاڻپ طارق ولد عبدالمجيد طور ٿي، جنهن جي عمر 50 سال ٻڌائي پئي وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.