”عدليه آزاد آهي“فيصلن سان ثابت ڪرڻو پوندو: رشيد رضوي

اسلام آباد(م  ڊ) وڪيل اڳواڻ رشيد رضوي چيو آهي ته رڳو چوڻ سان ته عدليه آزاد ٿي وئي آهي، فيصلن سان اهو ثابت ڪرڻو پوندو، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته هر اداري کي پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي، عوام ۾ مايوسي پکڙيل آهي، اسلام آباد ۾ وڏي کان وڏي غيرقانوني سوسائٽي ريگيولرائز ٿي وڃي ٿي ،ڪراچي ۾ 80 گز جو گهر ڊاٿو وڃي ٿو،راڻا شميم جي بيان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، جسٽس (ر) ناصره جاويد چيو ته عدليه تي دٻاءُ نه هئڻ گهرجي، انصاف ٿيندو نظر اچڻ گهرجي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.