سنڌ ڪلچر ڪميٽي قائم، 5 ڊسمبر ثقافت ڏهاڙو سرداري نظام نامنظور نعري هيٺ ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي (پ ر) سنڌ جي نمائنده سنڌي ۽ اردو اخبارن ۽ سول سوسائٽين جي تنظيمن جو گڏيل اجلاس ڪراچي ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ سنڌ ڪلچر ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ يونس، مهر، مختيار عاقل، عبدالرحيم موسوي، ناصر خٽڪ کي گڏيل راءِ سان ڪنوينر طور نامزد ڪيو ويو. اجلاس ۾ 5 ڊسمبر تي گڏيل سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ته 5 ڊسمبر کي ”سرداري نظام نامنظور“ جي نعري سان ملهايو ويندو، گڏجاڻي ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته 4 ڊسمبر 2021 تي ڪراچي ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ سول سوسائٽي، ساڃاهه وند، صحافي، وڪيل برادري  سميت مڙني شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ڪوٺ ڏني ويندي ان سان گڏ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ گڏيل ”مقالا“ شايع ڪيا  ويندا. هن ڪميٽي ۾ ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن سان رابطو ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ، يونس مهر، مهيش ڪمار، حسينه جتوئي. ناصر خٽڪ، محمد دانش، حميده گهانگهرو، زاهده عباسي ، غلام نبي چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.