ڊاڪٽرن جي واڌو ڪمائي بند، مريضن جي حق ۾ وڏو فيصلو

ملڪ ۾ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين طرفان پنهنجي دوائن جو وڪرو وڌائڻ لاءِ عام طور تي ڊاڪٽرن ۽ خانگي اسپتال کي مالي فائدن سميت مختلف قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو سلسلو ڪنهن کان به لڪل ناهي، جڏهن ته دوائن جي رجسٽريشن ۽ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کي ريگيوليٽ ڪندڙ اداري ”ڊريپ“ ان حوالي سان خاص ضابطا اخلاق جاري ڪيو آهي.

وفاقي ڪابينا جي منظوري سان جاري ڪيل ضابطا اخلاق ۾ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کي ڊاڪٽرن ۽ انهن جي خاندانن جي لاءِ تفريحي سرگرمين جي مقرري ۽ ٻاهرين ملڪ جي دورن جا خرچ برداشت ڪرڻ کان سخت سان روڪيو آهي.

دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڊاڪٽرن جي تربيت جي لاءِ ورڪشاپ ۽ سائنسي تحقيقي ڪانفرنسز ملڪ ۾ ئي ڪوٺايون وڃن، انهن ورڪشاپس ۽ ڪانفرنسز دوران مهانگا کاڌا فراهم نه ڪيا وڃن، انکانسواءِ ڊريپ هدايت ڪئي آهي ته دوائون ٺاهيندڙ ادارا ان تي سختي سان عمل ڪن ڊاڪٽرن ۽ صحت جي تنظيمن جي ڪيل خرچن جا تفصيل ڊريپ کي فراهم ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.