سڌارا اڻٽر آهن

تحرير؛نجم سيٺي

اهو ڪو راز نه آهي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ڪافي ڇڪتاڻ  پيدا ٿي چڪي آهي، ايتري تائين جو انهن جي لاڳاپن ۾ ڏار به پئجي چڪا آهن، پر ڪو به نٿو ڄاڻي ته ڇا اها صورتحال حڪومت جي تبديلي جو سبب بڻجندي؟ ان بعد ڪهڙي قسم جي حڪومت ايندي ؟ ڇا موجوده حڪومت 2023 تائين هلندي رهندي يا اها فوري طور تي اسيمبليون  ڊاهي نين چونڊن ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ؟ گڏوگڏ پوءِ چوندون ڪڏهن ڪرايون وينديون ؟ سڀني کان اهم سوال ته اڃان رهي ٿو ڇا ايندڙ چوديل حڪومت ماضي جيان غلط طرز حڪمراني ۽ غلط مو قعي پرست معاشي پاليسيون جاري رکندي ؟ يا ڇا پاڪستان جا معاملا  درست ڪرڻ جي لاءِ  انقلابي سياسي ۽ معاشي سڌارن جو رستو اختيار ڪندي ؟

آزادي کانپوءِ پاڪستان کي هڪ عسڪري ”قومي سلامتي جي رياست“ جي طور تي جوڙيو ويو. ان جو بنيادي سبب اهو هو ته اڻ ورهايل هندستان  کان وراثت ۾ مليل سول ملٽري بيرو ڪريسي اڻ تجربيڪار سياسي جماعتن ۽ طبقن جي نسبت وڌيڪ ترقي يافته ۽ مستحڪم هئي. پاڪستان جي باني محمد علي جناح  جي تدبر ۽ مدبر سان وجود ۾ آيل پاڪستان انهن گروهن جي هٿ ۾ اچي ويو. اسين سول ملٽري بيوروڪريسي هڪ اهڙي سياسي ڍانچي کي اڳيان وڌايو ۽ مٿي چاڙهيو جنهن سياسي نمائندگي  ۽ عوامي ڀلائي  تي ”قومي سلامتي “ جي واضح تصورن کي فوقيت ڏني، هندستان سان چار جنگيون ڇيڙي رياست ۽ معاشري تي پنهنجو ضابطو قائم ڪري ورتو. ٽي ڀيرا سڌي ريت اقتدار تي قبضو ڪيو، جڏهن ته جمهوري حڪومتن کي ڪمزور ڪرڻ جو عمل جاري رکيو. جڏهن خود مختياري حاصل ڪرڻ جي  ڌمڪي ڏني ان پنهنجي آندل ڪٺ پتلي حڪومتن کي به ڊاهي ڇڏيو. هن لائسنس ،تحفظ ۽ سبسڊي جي ذريعي منافعي خور ڪاروباري طبقي ان سان ڳنڍيل زميندار اشرافيه سان اتحاد ڪري معاشي  اڀار تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪري ورتي. بجيٽ کي پنهنجي وس ۾ ڪري ورتو، پنهنجي مفاد کي گهٽ ڪرڻ جي هر ڪوشش کي پنهنجي طاقت جي زور تي ناڪام بڻائي  ڇڏي. واشنگٽن جي ”قومي سلامت جي مفاد “  کي اپنائيندي اربين ڊالرن جي امداد ۽ قرض حاصل ڪري خود کي امريڪا کي ڀاڙي تي ڏئي ڇڏيو. رياست ان ڍانچي 7 غيرملڪي قرضن ۽ امداد تي گذارو ڪرڻ جي عادت معيشت کي بگاڙي معاشري تباه ڪري ڇڏيو. ان ڪري رياست کي مفلوج بڻائيندڙ عنصرن جو سڌارو وقت جي اهم ضرورت آهي.اهي عنصر جيڪي رياست کي قيام جي وقت ورثي ۾ مليا هئا. شروعات جي ڳالهه ”قومي سلامتي“ جي موجوده تصورن کي ”قومي طاقت “ جي تصورن ۾ تبديل ڪرڻ پاڪستان کي هڪ غير معمول رياست بڻائڻ آهي. ان مقصد جي حصول جي لاءِ معاشي طاقت ۽ سياسي نمائندگي ءَ کي فوجي طاقت ۽ هاءَ برڊ حڪومت سازي تي فوقيت ڏيڻي پوندي، ان سلسلي ۾ برسات جو پهريون قطرو ”ووٽ کي عزت ڏيو “  جو نعرو آهي،اسان کي ان تحريڪ کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندي ڏسڻ گهرجي.ازاد ۽ انصاف ڀري چوند ۾ عوامي حمايت سان کٽندڙن کي اقتدار سونپيو وڃي. ۽ اهو  اقتدار حقيقي هجي رڳو علامت نه هجي. ان سان گڏوگڏ ٻين ٻن شرطن جو پورو ٿيڻ به ضروري آهي.

پهريون شرط سول ملٽري بيورو ڪريسي جي اهڙي  ناڪام سياسي ۽ معاشي پاليسن جو تنقيدي جائزو آهي.  جن پاڪستان کي هڪ بند گهٽي ۾ اچي بيهاري ڇڏيو آهي. اها صورتحال رات وچ ۾ ڪنهن  حڪم نامي سان تبديل نه ٿيندي. ان جي لاءِ عوام جي حمايت سان چونڊيل اهل ۽ پُر عزم سياسي قيادت جي ضرورت آهي. اها قيادت جيڪا ڪارڪردگي رکندي هجي، اها اسٽيبلشمينٽ سان نرمي سان ڳالهيون ڪند ي اهو مقصد حاصل ڪري. تاحال ايئن انڪري ناهي ٿيو جو اهڙا سياسي رهنما موجود نه هئا. يا اهي مملڪت جا معاملا هلائڻ کان بي خبر هئا. يا سول ملٽري بيورو ڪريسي سان مناسب طريقي سان ڳالهيون ڪرڻ جي قابل نه هئا. پر هاڻي اميد پيدا ٿي رهي آهي.ان ڪري جو نت نوان تجربا ڪرڻ ۽ قبضا ڪرڻ جا آپشن ختم ٿي چڪا آهن.ٻنهي ڌرين کي پنهنجا تصور ۽ اختيار شيئر ڪرڻ گهرجن. اهم ڳالهه اها آهي ته ٻنهي کي احساس ٿيڻ گهرجي ته صرف  مٿين طبقن کي نوازي ملڪ  کي بحران مان نٿو ڪڍي سگهجي.

معاشيسڌارن جي  ايجنڊا  وسيع سياسي ۽ فلسفياڻي معاهدن تي ٻڌل هئڻ گهرجي . سڀني کان اڳ جي ڪفايت شعاري کان ڪم وٺڻو اهي ته مٿين طبقن کي ائين ڪرڻو پوندو. جيڪي اڳي ٻن وقت جي ماني پوري  مسي ٿا ڪمائي سگهن انهن کي وڌيڪ ڪهڙي ڪفايت شعاري جي لاءِ چئي سگهبو ؟ ان جو مطلب اهو آهي ته فوجي ۽ ترقياتي  ٻئي بجيٽوم عملي طور تي معقول حد جي اندر هجن.  سرڪار ي۽ نجي ادارن جي لاءِ سبسڊيز يا منافعي خور عنصرن جي لاءِ خصوصي ڇوٽ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. ايف بي آر ،۾ سڌارا ڪري عوامي محصولات ۾ جوڳو اضا فو ڪيو وڃي. جيڪڏهن اڃان به ضروري هجي ته ساک وارين غير ملڪي ايجنسين کي ٽيڪس وصولي جي ذميداري سونپي وڃي. نتيجو نه ڏئي سگهندڙ  جي برآمدي  رعايتن کي ختم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو ان جي نتيجي ۾ رڳو ڪاروباري اشرافيه ئي فائدو کڻندي آهي. کند جي درآمد آزاد ڪري شوگر انڊسٽري کي ان جي حال تي ڇڏيو وڃي، امدادي قيمتن بجاءِ مارڪيٽ کي فغال بڻايو وڃي،ته جيئن زرعي پيداوار جو تعين امدادي قيمتن جي بجاءِ مارڪيٽ ۾ طلب ۽ ۽ رسد ڪري،  زرعي سڌارا لاڳو ڪيا وڃن، ڪاغذ تي ڪيل ورهاست ۽ زمين جي ابادڪاري  ۾ سڌارو ڪري جاگيرداري جو خاتمو ڪيو وڃي ته جيئن وڏين جائيدادن مان وڏي  منافعي خوري جو سلسلو بند ٿي سگهي، خوشحال طبقي ۾ وراثت جي منتقلي  ت ڳرو ٽيڪس وڌو وڃي، پنجن هزارن جو نوٽ ختم ڪيو وڃي. ته جيئن روڪ رقم جي ادائيگي جي ذريعي ٽيڪس چوري کي روڪي سگهجي.  اهڙي نوعيت جا ٻيا به ڪيترائي قدم آهن  جن تي غور ۽ عمل ڪري سگهجي ٿو. محصول ۾ تيزي سان اضافو ٿي ته بين الاقوامي قرض واپس ڪري سگهجن.ڪرنسي مستحڪم ٿئي، روزگار جا موقعا پيدا ٿين، مهانگائي ۽ غربت ۾ گهٽتائي ٿي سگهي. يقيني طور تي پاڪستان جي رياست تي قبصو ڪري ويٺل سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي ۽ انهن جا اتحادي  سخت مزاحمت ڪندا. پر ان رستي تي هلڻ جي سنجيده ڪوشش کانسواءِ ڪا به حڪومت ملڪ کي ڪينسر جهڙي بيماري مان ڪڍڻ جي اميد نٿي ڪري سگهجي.

مناسب سماجي ماحول کي شعوري طور تي جوڙيو وڃي، ۽ ان کي اڳتي وڌايو وڃي، ته جيئن اهڙي طرح جا انقلابي قدمن جا نتيجا ملي سگهن. انهن مان سڀني کان اهم جو تعلق آباديءَ ۾ اضافي ۽ بنيادي پرستي کي گهٽ ڪرڻ سان آهي. پهريون معاشي ترقي جي منافغي کي  کائي ٿو وڃي جڏهن ته ٻيو سياسي عمل کي غير مستحڪم بڻائي ٿو. مذهبي انتهاپسندي غير ملڪي سيڙپ جو رستو روڪي ٿي ۽ سياحت ۽ مهمان نوازي جهڙن عالمي معيشت جي سروس سيڪٽرن مان فائدن کڻڻ  ۾ رڪاوٽ آهي.

دنيا ۾ سروس سيڪٽر تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ايتري تائين جو سعودي عرب ، گڏيل عرب امارتن جهڙا اسلام جا رکوالا پڻ ان حقيقت کي تسليم ڪندي ان جي ضرورت کي سمجهي چڪا آهن، خير اها هڪ ڊگهي جدوجهد آهي،پر ان جي شروعات ڪرڻ گهرجي، پاڪستان کي ناڪام رياست بڻجڻ ۽ مٿاهين تان هيٺ ترڪڻ کان بچائڻو آهي ته اهي سڌارا اڻٽر آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.