قوم جو ’مستقبل جوڙيندڙن‘ جو مستقبل ڪيئن جوڙجي!

تحرير؛ عِشا نصرت

اڄ سموريءَ دنيا ۾ ”ٻارن جي عالمي ڏينهن“ ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن تي ان سچ کي قبُول ڪرڻ توڙي سمجهڻ جي اشد ضرورت آهي ته والدين سان گڏوگڏ سماج کي پڻ ٻارڙن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

گڏيل قومن پاران ٻارن جي حقن لاءِ عالمي پڌرنامو ”چائلڊ رائيٽس ڪنوينشن“ (سِي آر سِي) نالي هڪ اهم دستاويز پڌرو ٿيو، جيڪو پهرين ۽ ٻئي عالمي جنگ دؤران ٻارن کي پهتل نقصان کانپوءِ ترتيب ڏنو ويو هو، ان نوعيت جَي هن پهرين عالمي دستاويز کي تحرير ڪرڻ لاءِ ڪجهه سماجي ڪارڪنن 1959ع ۾ رضاڪاراڻه طور تي گڏجي ڪم شروع ڪيو، جنهن جي بنيادي ڊرافٽ ۾ وقت گذرڻ سان سڌارا ۽ واڌارا آندا ويا. ان پڌرنامي جا اهم نڪتا هي هئا:

1 ــ ٻارن ۾ ڪنهن به بنياد تي فرق نه ڪرڻ

2 ــ ٻارن جي بهتريءَ ۽ فائدي جو خيال رکڻ

3 ــ کين زندگيءَ جي بقا ۽ ترقيءَ جو حق ڏيڻ

4 ــ ٻارن جي خيالن کي اهميت ڏيڻ

وغيره

هن ’سي آر سيءَ‘ ۾ موجود شقن ۾ ٻارن جا شهري حق،آزادي، صحت، تعليم، گهر جي ماحول جي بهتري، مناسب سار سنڀال ۽ تفريح سان گڏ ثقافتي سرگرمين ۾ سندن شمُوليت جي نُڪتن ذريعي جاڳرتا پکيڙڻ پڻ شامل آهي، ته جيئن دنيا ۾ هر هنڌ ٻارن کي سندن حقَ ملي سگهن ۽ ٻارَ معاشري جي مثبت جوڙ جَڪ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن.

ٻارن جي تربيت ۾ جي حوالي سان ڪجهه اهم تجويزُون /صلاحُون هيٺ ڏجن ٿيُون، جن تي عمل ڪري هڪ مثبت ٻار جي تربيت کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو:

1 ــ اسان جي معاشري ۾ وچولي توڙي ننڍي  طبقي جا والدين ٻارن جي تريبت تي گهٽ ڌيان ڏئي رهيا آهن. کين ان ڳالهه جي ڄاڻ هجڻ گهرجي ۽ کين ان عمل لاءِ آماده ڪيو وڃي، ته کين ٻارن جي صفائيءَ ۽ صحت توڙي تعليم سان گڏوگڏ ننڍين وڏين خواهشن کان به واقف هئڻ گهرجي.

2 ــ ٻارن کي ماءُ پيءُ سان گهر جي ڪمن ۾ مدد ڪرائڻ جي عادت وجهجي، ته جيئن هُو اڳتي هلي گهر هلائڻ ۾ پنهنجو حصّو ڳنڍڻ کان چڱي نموني آگاهه هجن. ان سلسلي ۾ سندن اسڪول ٽائيم کانپوءِ کين ڪو نه ڪو هنر به سيکارڻ گهرجي، ته جيئن اهو ڏکئي وقت ۾ هنن جي ڪم اچي سگهي.

3 ــ اسڪولن ۾ ٻارن  کي هر ڏينهن جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ گهرجي.

4 ــ ٻارن ۾ والدين ۽ استادن سان گڏجي گُلَ، ٻُوٽا ۽ وڻ پوکڻ جي عادت وجهجي. اهڙيءَ طرح  گهر گهٽيون شهر ڳوٺ ۽ بالآخر هيءَ دنيا صاف سٿري فضا ۾  ساهه کڻي سگهندي.

5 ــ والدين کي ٻارن جي سامهون صبر سان پيش اچڻ گهرجي، ته جيئن سندن مثبت تربيت ٿي سگهي. والدين کي پنهنجا اختلاف ٻارن آڏو ظاهر نه ڪرڻ گهرجن.

6 ــ والدين کي گهرجي ته هُو پنهنجن ٻارن جي ڀيٽ، ٻين ٻارن سان هرگز نه ڪن.

7 ــ عمر جي حساب سان ٻارن کي ننڍيُون ننڍيُون ذميداريون سونپڻ گهرجن.

8 ــ اهو ڌيان رکيو وڃي ته ٻار، پنهنجن ساٿين جي ڀيٽ ۾ احساسِ محرومي ۾ نه اچن. والدين ان ڳالهه جو خاص خيال رکن، ته ٻارن کي کُليل اکين سان خواب ڏسڻ جي عادت وجهن ۽ انهن جي تعبيرن (مقصد) جي حاصلات طرف کين متوجهه ڪن.

9 ــ ٻارن جي تربيت ۾ والدين کي پهريان 10 سال سخت محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن دؤران ٻارن کي ڌيان سان ڪم ڪرڻ جي عادت وجهڻ گهرجي.

10 ــ ٻارن ۾ سوچڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ سان گڏوگڏ سوال ڪرڻ جي عادت به وجهجي.

11 ــ ٻارن سان وڏن کي پنهنجي انا جو مقابلو نه ڪرڻ گهرجي.

12 ــ ٻارن کي پاڻ ۾ توڙي والدين سان، ڳالهين توڙي خيالن ونڊڻ جي عادت وجهڻ گهرجي. کين ’اخلاقيات‘ عمل رستي سمجهائجي.

13 ــ ٻارن جي ٽيڪنالوجيءَ توڙي ٻين تخليقي ڪمن کي ڏنل وقت جو ٽائيم ٽيبل مقرر ڪجي.

14 ــ ٻارن کي وقت جو قدر سيکارڻ لاء گهڙيءَ، الارمس ۽ هر ڪم جي ٽائيم ٽيبل جو استعمال ڪرائڻ جي عادت ٻالڪپڻ ۾ ئي وجهجي.

15 ــ ٻارن کي پنهنجا ڪم پاڻ ڪرڻ ۽ رشتن جو قدر ڪرڻ جي عادت وجهجي.

16 ــ ٻارن جي اڳيان گلا، چغلي ۽ ڪوڙ جهڙي عمل کان پرهيز ڪجي ۽ گهر جي اهڙن ڪن به مسئلن تي انهن اڳيان ڳالهه ٻولهه نه ڪجي.

17 ــ والدين ۾ نااتفاقي به ٻارن جي مستقبل تي بُرو  اثر وجهي ٿي. ان کان احتياط ڪجي.

18 ــ ٻارن کي گهڻي کا گهڻا تفريحي توڙي تخليقي موقعا فراهم ڪيا وڃن.

19 ــ ٻارن کي سندن عمر جي شروعاتي سالن ۾ ئي دماغ تيز ڪرڻ واريون گيميزز ۽ سرگرميون مهيّا ڪرڻ گهرجن. شروعاتي سالن جي محنت اوهان کي سڄيءَ عمر جي پڇتاءَ کان بچائي سگهي ٿي.

انهن ۽ اهڙين صلاحن تي عمل ڪري ئي اسان قومن جو مسقبل روشن ڪرڻ لاءِ پنهنجو فرض ادا ڪري سگهنداسين ۽ دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙا مثبت تربيت يافته ٻار ئي سٺو معاشرو جوڙي ملڪ، قوم توڙي جهان جو نالو روشن ڪري، ترقي يافته نسل ٿي آسمان تي چمڪي سگهندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.