ناسا نئين دهلي جي سيٽلائيٽ تصوير جاري ڪري ڇڏي، پاڪستان کي ڪاوڙ

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)آمريڪي خلائي اداري ناسا ڀارت جي گادي واري هنڌ نئين دهلي جي سيٽلائيٽ تصوير جاري ڪري ڇڏي آهي.

ناسا تصوير جاري ڪندي لکيو ته ڀارت جي ڏاکڻي علائقن ۾ لڳل باهه نئين دهلي کي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

ناسا موجب ڀارت ۾ فصلن کي لڳل باهه هوائي گدلاڻ جي سطح وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.

ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان جي موسمياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم چيو آهي ته ڪوئلن جي استعمال تي پابندي جي باوجود ڀارت دونهين تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهيو، ڀارت جي نااهلي جي ڪري پنجاب ۾ دونهين جا اثر پئجي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.