”اڃا ٿڌ جو عروج آيو ناهي، گيس لوڊشيڊنگ شروع“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ملڪ ۾ گيس لوڊشيڊنگ تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

شيري رحمان چيو آهي ته اڃا ٿڌ عروج تي آئي ئي ناهي گيس جي لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي، گيس جي قيمت 350 سيڪڙو وڌائڻ کانپوءِ به ملڪ کي بدترين گيس بحران سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

هن جو چوڻ هو ته حڪومت سواءِ واعدن جي ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو.

ٻئي پاسي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته بدانتظامي ۽ نااهلي جي ڪري گيس بحران آهي، سنڌ جا ماڻهو عذاب ۾ مبتلا آهن، ڪراچي ۾ گيس نه پئي اچي، ٻارن کي صبح جو ناشتو نٿو ملي.

واضح رهي ته سياري جي موسم ٿيندي ئي ملڪ سميت سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي آهي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ به اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ڪري علائقي واسين کي پريشانين سان منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.