نوابشاهه: اعواڻ برادري جو ٽن ڀائرن جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه ۾ اعواڻ برادري پاران بلوچستان ۾ قتل ڪيل ٽن ڀائرن جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

بلوچستان ڪڇي ضلعي جي علائقي ڀاڳ ناڙي ۾ قتل ڪيل ٽن ڀائرن محمد فضل، سومر خان ۽ محمد بچل اعواڻ جي قتل واري واقعي خلاف اعواڻ برادري پاران بشير، زاهد ۽ ممتاز اعواڻ جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بااثر عاصم گيلو زميني تڪرار تان بلوچستان جي اعواڻ ڳوٺ تي چڙھائي ڪري بيگناھ ٽن نوجوانن کي بيحرمي سان قتل ڪري ڇڏيو آھي، هن وقت تائين پوليس قاتلن کي گرفتار ناهي ڪيو جيڪا سراسر ناانصافي ۽ زيادت آهي.

احتجاج ڪندڙن آرمي چيف، وزيراعظم، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدار عاصم گيلو ۽ ٻين کي  گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.