کهڙا: بزرگ حضرت محمد طارق المعروف آخوند شير  جون عرس تقريبون پڄاڻي تي پهتيون

کهڙا ۾ صوفي بزرگ حضرت محمد طارق المعروف آخوند شير جو 2 ڏينهن واريون عرس تقريبون پڄاڻي تي پهتيون.

صوفي بزرگ محمد طارق المعروف آخوند شير جو 2 ڏينهن وارو ساليانو عرس عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. سالياني عرس جون تقريبون پنهنجي پڄاڻي تي پهتيون درگاه جي عقيدتمندن ريحان قادري، سيد عاصم شاهه جيلاني، سيد طارق شاھ ۽ ٻين مزار تي چادر چاڙهي عرس جي تقريبن جو افتتاح ڪيو هو.

عرس تقريبن ۾ پنجاب جي ناليواري عالم مفتي ثمر عباس قادري اولياء اڪرام الله جا دوست هوندا آهن هو دنيا ۾ بي خوف ٿي زندگي بسر ڪندا آهن، انهن جي واٽ ئي سچ جي واٽ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.