”پاڪستان ۾ عمران نيازي جي بادشاهت قائم ٿيڻ نه ڏينداسين“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته حڪومتي قانونسازي کي آئيني ۽ قانوني نٿا مڃو ۽ عمران نيازي جو فرمان رد ڪيون ٿا جڏهن ته پاڪستان ۾ عمران نيازي جي بادشاهت قائم ٿيڻ نه ڏينداسين.

مسلم ليگ نون جي صدر مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي صدارت هيٺ نون ليگ جي پارلياماني ايڊوائزي بورڊ جو اجلاس پارليامينٽ هائوس جي اپوزيشن چيمبر ۾ ٿيو جنهن ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ حڪومت جي قانونسازي بلڊوز ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.

نون طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرون چونڊ سڌارا اتفاق راءِ کان بنا ٿيڻ جي مذمت ڪئي وئي.

پڌرائي موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته گڏيل اپوزيشن پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر حڪومت جي فسطائيت ۽ آئين دشمني کي چيلينج ڪندي.

اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته حڪومتي قانونسازي کي آئيني ۽ قانوني نٿا مڃون، عمران نيازي جو فرمان رد ڪيون ٿا.

هن چيو ته عوام تي مهانگائي جي بمباري ڪندڙ حڪومت پارليامينٽ تي خودڪش حملو ڪيو آهي، هاڻي آئين تي حملي آور آهي، اليڪشن ڪميشن جو بيان حڪومتي قانونسازي ۽ اِي وي ايم جي غلط ٿيڻ جو ثبوت آهي.

مخالف ڌر اڳواڻ جو چوڻ هو ته ايل پي جي، اٽو، کنڊ، دوائون ۽ بجلي گيس عوام جي پهچ کان ٻاهر آهن، عوام ۽ قانون دشمن ظالم حڪومت جو ساٿ ڏيندڙ عوام به ڏوهاري آهي، مخالف ڌر جي جدوجهد رنگ لائيندي، آئين ۽ عوام کي رليف ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.