نئين ڪوٽ ويجهو پلال سان ڀريل ٽرڪ کي باهه

نئون ڪوٽ (رپورٽ : زاھد مغل) نئون ڪوٽ ڀٽارو تعلقـ ڪلوئي ۾ رات دير سان سارين جي پلال جي ڀريل ٽرڪ نمبـر  TXA 060 کي باھ لگڻ سبب پلال ۽ ٽرڪ بـ سڙي رک ٿي ويئي ڀٽارو واسي ڀٽو راھمون جي ڀريل پلال جي آيل ٽرڪ کي اوچتو باھ وڪوڙي ويئي رات 10 وڳي پلال جي ٽرڪ کي لڳل باھ جو اطلاع  مٺي ڊسٽرڪٽ  ھيڊ ڪواٽر  ڏنو ويو پر مٺي ۽ نئون ڪوٽ ٽائون ڪميٽي  جون فائربرگيڊر رات ڏيڍ وڳي پھتيون شوشل ميڊيا تي رات 10 وڳي کان لڳل باھ کي لائيو ڏيکاريو ويو فائر برگيڊر  جون پاڻي کٽي ويو ۽ لڳل باھ تي ضابطو نـ آيو ۽ ٽرڪ بـ سڙي رک ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.