اوٻاوڙو لڳ ٻن ڌرين ۾جهيڙو، فائرنگ، ڪمند فصل کي باهه، علائقي ۾ خوف

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو لڳ ريتي ٿاڻي جي جھنگل ملڪ ۾ ڀٽا۽ نيازي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تان جھيڙو سخت فائرنگ جي ڏي وٽ  ڀٽا برادري جي مڇريل ماڻھن نيازي برادري جي زمين تي ڪڻڪ پوکيندڙ ماڻھن مٿان فائرنگ ڪري تيار ٿيل ڪنمد جي فصل کي باھ ڏئي ڇڏي جنھن جي نتيجي ۾ 50 ايڪڙن تي پوکيل ڪمند سڙي رک ٿي ويو، جنھن بعد ٻنھن ڌرين ھڪ ٻي مٿان ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا ٻه ڪلاڪ ھلندڙ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو اطلاع تي ايس ايڇ او ريتي احسان احمد مھر ۽ ڊي ايس پي اوٻاوڙو محمد پناھ ڀٽو پوليس جي نفري ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ پھچي جھيڙي کي ٽاري جاني نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو ٻي ڌريون مورچابند بڻيل وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.