دوداپور لڳ ڦر ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي پوليس هٿ ڪري ورتي

دودا پور ( ن ع آ ) ميرانپور ٿاڻي جي حد سنڌ بلوچستان جي سرحدي پٽي سم شاخ موڙ وٽ پنج نامعلوم هٿياربندن فضل کوسو جي ان سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪئي،ڦر واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻا پوليس سان گڏجي ڦر ٿيلٽريڪٽر جا پيرا کنيا جيڪي اوستا محمد بلوچستان جي حد ايري واري علائقي ۾ هڪ گهر  اندر لڳا،جتان ٽريڪٽر ٽرالي برآمد ڪيو ويو پوليس ڪاروائي ڪندي ھڪ اڻڄاتل جوابدار کي به پڪڙڻ جا چوٻول، جڏهن ته  برآمد ٿيل ٽريڪٽر کي ميرانپور ٿاڻي تي آندو ويو جنهن بعد ٽريڪٽر کي مالڪن حوالي ڪيو ويندو،رابطو ڪرڻ تي ميرانپور پوليس ايس ايڇ او اوشاق شر ڪو به موقف نه ڏنو ۽ ميٽنگ جو جواز ڄاڻائي فون ڪٽي ڇڏيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.