راڌڻ ۾ گهرن اندر گندو پاڻي بيهڻ خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو

راڌڻ(رپورٽ:  ھريش ڪمار) راڌڻ جي وارڊ نمبر 9 ڳوٺ ڪوٽائي ماڇي واسي پ پ اڳواڻ دوست محمد سولنگي، رسول بخش سولنگي، گلبهار سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ هيٺ ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ ڊرينج سسٽم نه هئڻ سبب گهرن ۾ گندو پاڻي بيهڻ خلاف سيوهاڻي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي سالن کان پ پ جا ووٽر آهيون مگر اسان جي ڳوٺ کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو آهي ڳوٺ ۾ روڊ رستا، اسڪول ۽ ڊرينج سسٽم نه هئڻ سبب اسان انتهائي عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهيون. هنن وڌيڪ چيو ته هر دور ۾ چونڊيل نمائندن ووٽ وٺڻ کانپوءِ اسان جي ڳوٺ سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي هنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه لوڪل گورنمينٽ جي وزير ناصر شاهه اي پي اي فياض ٻٽ ۽ ضلعي انتظاميه کي اپيل ڪندي چيو ته مهرباني ڪري اسان جي ڳوٺ کي گهربل سهولتون فراهم ڪري  علائقي واسين کي عذاب واري زندگي کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.