والاريل ڪشمير ۾ 4 نوجوانن جي شهادت خلاف ڌرڻو، شيلنگ

سرينگر (م ڊ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي پوليس شهر ۾ جعلي مقابلي ۾ چئن شهرين جي قتل خلاف سرينگر جي پريس انڪليو ۾ ڌرڻي تي ويٺل ڏکويل ڪٽنب ڀاتين ۽ سول سوسائٽي جيڪارڪنن تي رات جي وقت حملو ڪري ڏنو ۽ طاقت جو وحشياڻو استعمال ڪندي کين گرفتار ڪري ورتو. ڊاڪٽر مدثر شهيد ۽ الطاف احمد شهيد جا وارث پنهنجن پيارن جون ميتون واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. سپرنٽنڊنٽ پوليس جي قيادت ۾ پوليس اهلڪارن مظاهرو ڪندڙن کي گهليو ۽ کين حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ان دوران ڪجهه ماڻهن مذاحمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.