پاڪستان ۾ مذهبي آزادي بابت ڳڻتي، مسيحي، هندو، سک، شيعا ۽ احمدي نشانو بڻيا:آمريڪي ڪميشن

واشنگٽن ( م ڊ) آمريڪا پاڪستان ۾ مذهبي آزادي بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جو نالو مذهبي آزادي وارن ڳڻتي جوڳن ملڪن ۾ شامل ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن پاڪستان ، روس، سعودي عرب، چين، برمام اريٽيريا، اتر ڪوريا، تاجڪستان ۽ ترڪمانستان کي ڳڻتي جوڳن ملڪن ۾ شامل ڪيو آهي. آمريڪي ڪميشن جي ڀارت ۾ مسلمانن  تي حملن ۽ ٻين مذهبي گروهن کي نشانو بڻائڻ جي واقعن باوجود ڀارت جو نالو شامل نه ڪيو. پاڪستان بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت منظم انداز ۾ توهين مذهب ۽ احمدي مخالف قانونن تي عمل ڪيو. پاڪستان ۾ مسيحي، هندو، سک، شيعا ۽ احمدي نشانو بڻيا. پاڪستان ۾ مذهبي اقليتن بابت رويي جو اندازو احمدي برادري سان ٿيل واقعن مان لڳائي سگهجي ٿو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.