افضل غلط عمل ڪيو، مٿس ڄام عبدالڪريم جو دٻاءُ هو: شهيد جي امڙ

ملير (ڊ ر) مقتول ناظم جوکيو جي ماءُ جميلا جوکيو چيو آهي ته منهنجي پٽ افضل جوکيو کي جيڪو ناظم جو فريادي هو ان تي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم پاران سخت دٻاءُ وڌو ويو کيس چيو ويو هو ته عدالت ۾ لکي ڏي ته ڄامعبدالڪريم جوکيو ڪيس ۾ ملوث نه آهي هن کان زبردستي لکرايو ويو آهي پر آئون واضح ٿي ڪريان ته آئون ان فيصلي کي تسليم نٿي ڪريان، افضل غلط عمل ڪيو آهي منهنجي پٽ ناظم جو ڪيس مان ۽ سندس گهرواري وڙهنديون سين پٽ جي خون تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي نه وري اسان ڪنهن سردار جي ميڙ منٿ کي قبول ڪنداسين، مان پنهنجي نوجوان پٽ ناظم جوکيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاهي ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪنديس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.