گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ بار پاران سرداري نظام خلاف جدوجهد جو اعلان

گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مهر ) سنڌ جو نعرو ، سرداري نظام کان ڇوٽڪارو ، عوامي آواز جي سڏ جي گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ بار جي سينئر وڪيلن پاران آجيان  ايڊوڪيٽ لال بخش گهوٽو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر سرداري ۽ ڀوتارڪو نظام ناسور بڻجي چڪو آهي ، جنهن جي خاتمي تائين سنڌ بگهڙن جي ور چڙهيل هوندي ، هن چيو ته ڌپ ڪري ويل جاگيرداري نظام سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي ، سنڌ هاڻ سڄاڳ ٿي چڪي آهي ، سرداري نظام ناظم جوکي کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو ، جنهن جو آواز عوامي آواز پنهنجو فرض سمجهي اهڙي نموني بلند ڪيو جو اڄ سنڌ جو هر فرد سرداري نظام کان بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو ايڊوڪيٽ لياقت علي ملهاڻو جو چوڻ هو ته سنڌ هاڻ شعور جي طرف وڌي پئي،  ايڊوڪيٽ رائو آصف چيو ته 5 ڊسمبر تي عوامي آواز سان ثقافتي ڏهاڙو ملهائينداسين ، ، ايڊوڪيٽ مختار احمد مهر ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي اچي سنڌ جي ڀوتارڪي نظام خلاف  ميدان تي اچڻو پوندو ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.