سپريم ڪورٽ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد سپريم ڪورٽ ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق 18 ڊسمبر 2021ع کان 2 جنوري 2022ع تائين سپريم ڪورٽ ۾ سياري جون موڪلون هونديون. موڪلن کانپوءِ سپريم ڪورٽ 3 جنوري 2022ع تي ٻيهر ڪيسن جي ٻُڌڻي شروع ڪندي. نوٽيفڪيشن سپريم ڪورٽ پرنسپل سيٽ اسلام آباد سميت سمورن صوبائي رجسٽرين تي پڻ لاڳو ٿيندو.

  • 5 سئو ورهين بعد ڊگهي وقت جو چنڊ گرهڻ اڄ ٿيندو

ڪراچي (رپورٽر)  دنيا ۾ 580 ورهين کان پوءِ ڊگهي عرصي جو چنڊ گرهڻ اڄ ٿيندو.  هي چنڊ گرهڻ 6 مهينا رهندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال جو ٻيو چنڊ گرهڻ 19 نومبر تي ٿيندو. موسميات کاتي موجب اهو چنڊ گرهڻ پاڪستان ۾ نه ڏسي سگهبو. جڏهن ته سال جي ٻي چنڊ گرهڻ جي شروعات پاڪستاني وقت موجب صبح 11 لڳي 2 منٽن تي ٿيندي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چنڊ کي جزوي گرهڻ 12 لڳي 19 منٽن تي لڳندي، جزوي چنڊ گرهڻ جي پڄاڻي منجهند 3 لڳي 47 منٽن تي شروع ٿيندي ۽ مڪمل پڄاڻي 5 وڳي 4 منٽن تي ٿيندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.