نائجيريا ۾ حملا، 25 شهري مارجي ويا

نيامي(م ڊ ) نائيجيريا سان گڏ ڏکڻ پاسي مالي جي سرحدي شهر تاهووا۽ تيليا جي علائقن ۾ ٻن هٿيار بندن جي حملن جي نتيجي ۾ 25 شهري اجل جو شڪار ٿيا آهن اڻ ڄاتل هٿيار بند ماڻهن بلديا ۽ هيلٿ ڪيئر سينٽر جهڙين سرڪاري عمارتن جي ڦر کان پوءِ باهه هڻي ڇڏي ۽ علائقي مان ڀڄي ويا هن وڌيڪ چيو ته انهن حملن ۾ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي پيو آهي.

  • سنڌ ۾ وفاق جهڙي قانونسازي چاهيون ٿا: فروغ نسيم

اسلام آباد(م ڊ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته اسان سمورن صوبن ۾ قانونسازيءَ جي حوالي سان هڪجهڙائي چاهيون ٿا. سنڌ ۾ وفاق ۽ ٻين صوبن جهڙي قانونسازي جا خواهشمند آهيون. اهڙو اظهار هن فوجداري ۽ سول ڪيسن کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي قانون واري شعبي جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.