ڀارتي هوائي فوج جو ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر تباهه

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي هوائي فوج جو ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب هوائي فوج جو اهو هيلي ڪاپٽر ارونا چل پرديش جي رياست ۾ لينڊنگ دوران ڪِري تباهه ٿي ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب حادثي وقت هيلي ڪاپٽر ۾ 2 پائيلٽ ۽ 3 ڪريو ميمبر موجود هئا جيڪي سڀ محفوظ آهن.

رپورٽن موجب هيلي ڪاپٽر جي ڪرڻ جا سبب ڄاڻن جي لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.