سکر ۾ لاڙڪاڻي واسي پر اسرار نموني گم، احتجاج

سکر( رپورٽر) لاڙڪاڻو جي رهواسي قدير حسين وسڻ سکر پريس ڪلب آڏو پنهنجي مائٽ ابراهيم عرف حاجن وسڻ جي ڳولها لاءِ دانهيندي ٻڌايو آهي ته 3 مهينا اڳ سندس مائٽ حاجن پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، مسلسل ڳولها باوجود ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو. اسان کي شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوجوان جي ڳولها ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.