حيدرآباد ۾ جيل جا 2 بيمار قيدي فوت

حيدرآباد(رپورٽر) سينٽرل جيل حيدرآباد جا 2 قيدي بيمارين ۾ مبتلا هجڻ ڪري فوت ٿي ويا. قيدي سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ٿيل هئا، جتي هو فوت ٿيا. سينٽرل جيل حيدرآباد جو هڪ 92 ورهين جو پڪو قيدي حاجي عمر پٽ جاڙو خان ڀلائي بيماري سبب اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. حاجي عمر پڪو قيدي هو ۽ کيس قتل جي ڪيس ۾ 25 سالن جي سزا لڳل هئي، هو 5 ڊسمبر 2016ع تي ڄامشورو ٿاڻي جي معرفت سينٽرل جيل پهتو هو ۽ 23 آڪٽوبر 2021ع کان بيماري سبب سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ٿيل هو، جتي هو فوت ٿي ويو. ان کانسواءِ 45 ورهين جو سومار پٽ پنيل به سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿيو. قيدي سومار به قتل جي ڪيس ۾ سزا ڀوڳي رهيو هو. کيس بيماري سبب ميرپورخاص جيل مان سينٽرل جيل حيدرآباد مقرر ڪيو ويو جتي هو 17 آڪٽوبر 2021ع کان بيماري سبب سول اسپتال جي گيسٽرو وارڊ ۾ داخل ٿيو هو. سندس خلاف عمرڪوٽ ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ٿيل هو جنهن ۾ هو سزا ڀوڳي رهيو هو. هو 9 سيپٽمبر 2010ع کان ميرپورخاص جيل ۾ قيد ٿيل هو. بيماري جي ڪري کيس 11 سيپٽمبر 2021ع تي سينٽرل جيل حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. جيل انتظاميا مطابق قيدي کي علاج لاءِ گمس اسپتال به موڪليو ويو هو پر کيس گردو ملي نه سگهيو، جنهن جي ڪري هو گردن جي بيماري وگهي فوت ٿي ويو. ٻنهي فوتي قيدين جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.