لاڙڪاڻي ۾ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي عمر قيد

لاڙڪاڻو  (ڊ ر) لاڙڪاڻي جي عدالت زميني تڪرار تان قتل ٿيل پيءُ ۽ پٽ جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ 5، 5 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي جوابدار وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽيندا. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي جي ڇهين ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ سال 2018ع دوران تعلقي رتوديرو جي ٿاڻي ڪيٽي ممتاز جي حد ۾ زميني تڪرار تان قتل ٿيل کلڻ کوکر ۽ سندس پٽ رسول بخش کوکر عرف بيگ کوکر واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن اياز علي پٽ قلندر بخش ۽ نظام پٽ اخن ناريجو کي عمر قيد ۽ 5، 5 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ تي ٻئي جوابدار وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽيندا. واضع رهي ته 20 آگسٽ 2018ع تي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀوت خروس ۾ زميني تڪرار تان هٿياربندن اوطاق تي فائرنگ ڪري رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ وانڍ کوکر واسي کلڻ کوکر ۽ سندس پٽ رسول بخش کوکر کي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن واقعي جو ڪيس فريادي علي بخش خروس جي فرياد تي حد جي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي تي گناهه نمبر 2018/16 قلم 337 ايڇ ٽو، 149، 148 تحت نظام، شاهنواز، عابد، اياز، جاويد، اصغر، ستار، نثار، سعيد، غوث بخش ۽ ٽن نامعلوم سميت 15 جوابدارن مٿان داخل ڪرايو ويو هو. جنهن ڪيس ۾ ٻيا جوابدار روپوش آهن. هوڏانهن سزا بعد ٻنهي جوابدارن کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.