ڪڍڻ جي قبرستان ۾ دفن ڪيل ٻارڙي جو لاش ڪتا ڪڍي ويا

بدين ( ڊ ر )  ڪڍڻ جي محمود شاھ قبرستان ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ کڏ کوٽي دفن ڪيل معصوم ٻارڙي جي لاش کي رولو ڪتن ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. شهرين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد ايس ايڇ او ڪڍڻ قربان ملاح واقعي واري هنڌ پهچي معصوم ٻارڙي جي لاش کي ٻيهر دفن ڪرايو،ان موقعي تي ايس ايڇ او صحافين کي ٻڌايو ته معصوم ٻارڙي جو لاش بنا ڪفن جي هڪ رلي نما ڪپڙي ۾ ويڙهيل هو ۽ مڪمل قبر نه بلڪ کڏ کوٽي دفن ڪيل هو. جنهن جي بدبو تي رولو ڪتن لاش باهر ڪڍيو هن چيو ته شڪ آهي ته ڪنهن پنهنجو گناھ لڪائڻ لاءِ اهڙو قدم کنيو هجي ان مسئلي جي وڌيڪ جانچ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.