حيدرآباد ۾ هٿياربند ڊيپو مالڪ کان 27 لک ڦري ويا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ هٿياربند سيمينٽ ڊيپو جي مالڪ کان 27 لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڊي آء جي حيدرآباد شرجيل کرل ڦر واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. قاسم آباد جي ڳوٺ محمد بخش شورو ۾ پيٽرول پمپ وٽ اڻڄاتل ڦورو سيمينٽ جي ڊيپو جي مالڪ کان لکين رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڦورن احسان سومرو کي يرغمال بڻائي کانئنس کان 27 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. واقعي جو ڊي آءِ جي نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ حڪم ڏنو ته واقعي ۾ ملوث ڦورن کي فوري طور گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي. ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس متاثر واپاري ڳوٺ محمد بخش شورو جي رهواسي احسان علي جي فرياد تي اڻڄاتل ڦورن خلاف رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڦر ڊيپو جي مالڪ کان ٿي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.