ڏهرڪي ٽيڪنيڪل ڪاليج کي تالا ، مک گيٽ تي ڌرڻو

ڏهرڪي ( رپورٽ: منصور پيزادو ) ڏهرڪي ٽيڪنيڪل کي ڪاليج انتظاميه تالا هڻي شاگردن جي ڪاليج اندر داخل ٿيڻ بندش لڳائي ڇڏي آهي شاگردن شاگردياڻين استادن سميت سياسي سماجي تنظيمن جو ايس يو پي اڳواڻ حاتن شر ايڊوڪيٽ غلام رسول مهر فقير رمضان ڪلوڙ انڊس ڪانگريس جي وحيد لولائي سميت مختلف اسڪولن جي سوين شاگردن ڪاليج جي اڳواڻي ۾ مک گيٽ آڏو ڌرڻو ڪاليج انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صنعتي ادارن جي تعاون سان هي ادارو قائم ڪري ان تي غير سنڌي انتظاميه مسلط ڪئي وئي هئي جنهن ۾ انهن تعصب پرست انتظاميه روز اول کان کان مقامي شاگردن لاءِ مسئلا پيدا ڪري مختلف بهانن سان انهن کي ڪاليج مان نيڪالي ڏيڻ جو اڻکٽ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي هاڻي ڪجهه ڏينهن کان هنن ڪاليج جو تدريسي عمل بند ڪري ڪاليج کي تالا هڻي صرف پگهارون پيا کائين جنهن ڪري سوين شاگردن جو مستقبل داءُ  تي لڳل آهي هنن چيو ته ضلعي جي انتظاميه به ڪاليج انتظاميه جي من مستي جو نوٽيس نه ٿي وٺي ۽ ڌر بڻيل چونڊيل نمائندا به پنهنجون اکيون ۽ ڪن بند ڪري ويٺا آهن هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبوڪيوآهي ڪاليج جا تالا کولرائي تدريسي عمل بحال ڪيو وڃي.

  • ڪشمور ويجهو اسڪول زبون، تعليم متاثر

ڪشمور( ڊر ) ڪشمور لڳ سرڪاري اسڪولي عمارت زبون حال بڻيل چاپڙ ڪرڻ لڳا شاگردن جي حياتين کي خطرو ، تعليم کاتي کي آگاهه ڪرڻباوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيو، تعليم کاتي جي عملدارن جي نااهلي خلاف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاج زبون حال عمارت کي نئين سر تعمير ڪرڻ سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو، تفصيل موجب ڪشمور لڳ يونين ڪائونسل کوسڪي ۾ قائم سرڪاري پرائمري اسڪول صادق خان مزاري بالاچاڻي جي ٻن ڪمرن تي مشتمل بلڊنگ گذريل 15 سالن کان زبون حال بڻيل آهي زبون حال بڻيل عمارت جي مختلف حصن مان چاچڙ ڪرڻ لڳا جنهن ڪري شاگردن جي حياتين کي پڻ خطرو آهي ڪنهن به وقت اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي سگهي ٿو، ڳوٺاڻن پاران تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کي زبون حالي جو شڪار بڻيل عمارت جي نشاندهي ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيو، ان سلسلي ۾ ڳوٺ جي شاگردن ۽ رهواسين عطاء اللہ مزاري، گلشير مزاري، برڪت مزاري ، عطر جکراڻي ، محبوب سولنگي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سرڪاري اسڪول صادق خان مزاري بالاچاڻي جي بلڊنگ گذريل 15 سالن کان زبون حال بڻيل آهي عمارت جي ڊهڻ جي خوف کان شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڻ جي هيٺان تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن، هنن چيو ته اسڪول ۾ فرنيچر جو کوٽ، بجليءَ جي سهولت نه هجڻ سميت ٻين ڪيترن ئي بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهيون ڳوٺاڻن پاران ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود تعليم کاتو اگھور ننڊ ستل آهي هنن احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تعليم کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري تعليم ۽ ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي کان مطالبو ڪيو ته زبون حال بڻيل اسڪولي عمارت جو مرمت ڪرائڻ سميت گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اسڪول ۾ پڙهندڙ سوين ٻارڙا بنا ڪنهن خوف تعليم پرائي پنهنجي مستقبل سنواري سگهن.

  • فريد آباد جي اسڪول ۾ لطيف شناسائي ڏينهن ملھايو ويو

فريدآباد ( ن ع آ) ھر سال جيان تعليم  جي صوبائي   وزير سيد سردار شاھ جي حڪم تي گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري ڪئمپس اسڪول سيدپور ۾ لطيف شناسائي ڏينهن ملھايو ويو، تقريب ٿي ۽ اسڪول جي ھيڊ ماستر ايڊووڪيٽ معشوق چانڊيو ، استاد محمد خان جتوئي ، بگو خان سولنگي ، بخت علي لاشاري ، غلام حسين چانڊيو، لوئر اسٽاف جو نصر اللھ چانڊيو عبداخالق خاصخيلي شاگردياڻين ۾ مقدس چانڊيو ، يسرا ٻٻر ، محمد مزمل ٻٻر مختيار چانڊيو ، ناياب چانڊيو، اصغر خاصخيلي ، سونو چانڊيو لطيف سرڪار جا بيت ۽ وائي پيش ڪئي.

  • لاڙڪاڻي بورڊ پاران ٻارهين جماعت جو ساليانو نتيجو پڌرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ پاران ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ، ڪامرس، هيومنٽيز ريگيولير ۽ پرائيوٽ گروپ جي سالياني امتحانن ۾ لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه سان واسطو رکندڙ 39308 اميدوارن حصو ورتو جن مان 33002 اميدوار پاس ۽ 5609 اميدوار فيل ٿيا آهن. اهڙي طرح پري ميڊيڪل گروپ ۾ 23809 اميدوارن حصو ورتو جن مان 20357 پاس ۽ 3141 فيل ٿيا جڏهن ته 311 اميدوارن جا نتيجا ڪاپي ڪيس، جعلي اميدوار، ڪاغذ پورا نه هئڻ ۽ فيس جمع نه ٿيڻ جي ڪري روڪيا ويا آهن. پري انجنيئرنگ گروپ ۾ 13659 اميدوارن حصو ورتو جن مان 11312 پاس ۽ 2170 فيل ٿيا جڏهن ته 157 اميدوارن جا نتيجا ڪاپي ڪيس، جعلي اميدوار، ڪاغذ پورا نه هئڻ ۽ فيس جمع نه ٿيڻ جي ڪري روڪيا ويا آهن. ڪامرس گروپ ۾ 387 اميدوارن حصو ورتو جن مان 303 پاس ۽ 51 فيل ٿيا جڏهن ته 33 اميدوارن جا نتيجا ڪاپي ڪيس، جعلي اميدوار ۽ فيس جمع نه ٿيڻ جي ڪري روڪيا ويا آهن. هيومنٽيز ريگيولر گروپ ۾ 483 اميدوارن حصو ورتو جن مان 338 پاس ۽ 129 فيل ٿيا جڏهن ته 7 اميدوارن جا نتيجا ڪاپي ڪيس، جعلي اميدوار ۽ فيس جمع نه ٿيڻ جي ڪري روڪيا ويا آهن.هيومنٽيز پرائيوٽ گروپ ۾ 1009 اميدوارن حصو ورتو جن مان 674 پاس ۽ 118 فيل ٿيا جڏهن ته 217 اميدوارن جا نتيجا ڪاپي ڪيس، جعلي اميدوار ۽ فيس جمع نه ٿيڻ جي ڪري روڪيا ويا آهن. تعليمي بورڊ جي نگراني ۾ ٿيل ٻارهين جماعت جي سالياني امتحانن ۾ تعليم کاتي جي فيصلي موجب ڪورونا وبا سبب ڪو به اميدوار پوزيشن نه ڪري سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.