قمبر لڳ ڪتن معذور نينگر کي ڏارهي وڌو، لاڙڪاڻي منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) قمبر ڀرسان ڳوٺ ميتلا ۾ رولو ڪتن 12 سالن جي معذور نينگر مٿان حملو ڪري ڏنو جنهن کي يوسي ميتلا جي سيڪريٽري پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي کيس زخمي حالت ۾ کڻي ايندڙ يوسي سيڪريٽري عاشق حسين گوپانگ صحافين کي ٻڌايو ته نينگر کي رولو ڪتن مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن تي چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. اهڙو اطلاع اسان پوليس کي ڏنو پر پوليس نينگر جي مالڪي نه ڪئي جنهن تي اسان کيس فوري طور قمبر اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو جتي سندس جو علاج جاري آهي. ان حوالي سان اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته رولو ڪتن معذور نينگر مٿان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سندس اک، پير، ٻانهن، مٿو ۽ جسم جا ٻيا مختلف حصا سخت زخمي ٿيا پيا آهن جنهن کي ويڪسين لڳائڻ سان گڏ زخمن کي مرهم پٽي به ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ معذور نينگر جي حالت بهتر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.