جاکوڙي اڳواڻ ڪامريڊ اظھر جتوئي

تحرير؛تاجمري

ڪالا باغ ڊيم ،ٻٽي بلدياتي نظام سميت سنڌ جي ھر طبقاتي ،قومي ۽ جمھوري جدوجھد ۾ سرواڻي وارو ڪرداربابا ءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو پوٽو قومي ۽ ھاري حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ ھاري ڪميٽي جو اڳوڻو صدرڪامريڊ اظھر جتوئي  18فيبروري 1960ع تي ڪامريڊ مظھرجتوئي جي گھر ۾ جنم ورتو.ھن شروعاتي تعليم ماڊل اسڪول حيدرآباد ،ميٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول،انٽر ۽بي اي گورنمٽ سچل ڪاليج حيدر آباد مان پاس ڪيو.

ڪامريڊ مظھر جتوئي جي وفات کان پوءِ1998ع ۾ کيس سنڌھاري ڪاميٽي جو صدر چونڊيوويو ھو. 1998کان پنهنجي وفات تائين 12سال لاڳيتو سنڌ ھاري ڪميٽي جو صدر رھيو.1970ع ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي  جي وفات کان پو۽ 1977ع تائين ماٺار کان پوءِ جڏھن ڪامريڊ ڄام ساقي ،ڪامريڊغلام رسول سھتو،قاسم پٿر،ڪامريڊ عثمان لغاري ، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ،ڪامريڊ رشيد انڊڙ،رئيس بروھي،صالح بلو ڪامريڊ،شاھ محمد دراني ،ڪامريڊ مانڌل شر،ڪامريڊ عزيز الله جروار،ڪامريڊ احمد لغاري، ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي۽ سندن ساٿين ھاري ڪميٽي کي ٻيھر منظم ڪيو ته ان ھاري ڪميٽي جون واڳون ڪامريڊ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پٽ ڪامريڊ مظھر جتوئي 1995ع ۾ سنڀاليون ۽ سندس وفات کان پوءِ سندس نوجوان پٽ  اظھر جتوئي  کي سنڌ ھاري ڪميٽي جو صدر چونڊيو ويو.ھن سنڌ ھاري ڪميٽي جي تاريخ   کي ورجائيندي  سنڌ سميت سڄي ملڪ جي قومي،طبقاتي ۽ جمھوري تحريڪ جي اڳواڻي واري صف ۾ اچي بيھاريو.  سندس صدارتي دور ۾ ھرسال ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جون ورسيون ۽ سالگرھ جا جلسا ٿيندا رھيا جن ۾ ملڪ جا ناميارا ترقي پسند ۽قوم پرست اڳواڻ شرڪت  ڪندا رھيا.

18نومبر2020ع تي سندس وفات کان سندس ڀاءٌ ڪامريڊ ثمر جتوئي اھي ذميواريون سنڀالي رھيو آھي .سنڌ، بلوچستان ۽ پختون خواھ جي قوم پرستن جڏھن پونم نالي اتحاد جوڙيو ته ڪا مريڊ اظھر ان جي اڳواڻن ۾ شامل ھو.جنرل مشرف جي آمراڻي حڪومت ۾ جڏھن ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڏ جي ترقي پسند،جمھوريت پسند،۽ قوم پرست پارٽين ڪالاباغ خلاف تحريڪ ھلائڻ واري جدوجھد شروع ڪئي ته ڪامريڊ ان جي مک اڳواڻن ۾ شامل ھو،

ھن ڊاڪٽر قادر مگسي۽ مولانا عزيز الله ٻوھيو ساڻ گڏجي سنڌ جي وستي وستي،واھڻ واهڻ،وڃي سنڌجي  عوام کي منظم ۽ متحرڪ ڪيو ان دوارن ڪامريڊ اظھر جتوئي کي ڊاڪٽر قادر مگسي، مولانا عزيز الله ٻوھيو،حيدر شاھاڻي۽محبوب ساڻ گڏ ڦلھڏيون(ضلعوسانگھڙ)۽شڪارپور ۾گرفتار ڪيو ويو۽ سکر ۾ احتجاج دوران لاٺي چارج ۽شيلنگ ۾زخمي پڻ ٿي پيو ھو.

ھن مختلف اخبارن ۾ مضمون لکي عوامي حقن جي ترجماني ڪئي ،ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جا انٽرويو،تقريرون،پفليٽ ۽ ٻيو اڻ ڇپيل مواد گڏ ڪري ڇپايا ۽آڊيو،وڊيو تيار ڪرايا، ايئن سنڌ جي ھاري  تحريڪ ۾ ڪم ڪندڙ ساٿين لاءِ پڻ ڪامريڊ اظھرجتوئي جو سھڙيل مواد مددگار بڻيو.

2008ڌاري ڪامريڊ رمضان ميمڻ،سيد ذولفقارشاھ،پنھل ساريو،تاج مري (ليکڪ)مختلف سياسي ،سماجي ۽ پورھيت اڳواڻن جڏھن ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميمن لاءِ حيدرآباد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي مزار کان کان ڪراچي سنڌ اسمنبلي تائين لانگ مارچ ڪيو ته ڪامريڊ اظھر جتوئي ان ۾ به شامل ھو.

ڪامريڊ اظھر جتوئي جي خواھش ھئي ته سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ وڃي ھارين کي ٻيھر ائين منظم ڪجي ھارين کي غلامي واري زندگي مان آجپو ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪجي.ھن مون سميت کوڙ سارن ساٿين کي سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ شامل ٿي ھارين کي منظم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ جي دعوت ڏني، ان لاءِ ھن آڏو مون(تاج مري) جڏھن سنڌ ۾ ھارين جي مختلف ڌڙن کي گڏائي ھڪ سگھاري ھاري تنظيم جوڙڻ جي تجويز رکي ته ھن ان جي ڀر پور حمايت ڪئي،اھڙي طرح عوامي ورڪرزپارٽي کان ڌار ٿي ھارين  جي تنظيم جوڙيندڙ ڪامريڊ نثارلغاري پڻ حمايت ڪئي، ساڳي تجويز جڏھن ڪميونسٽ پارٽي واري ھاري ڪميٽي،عوامي ورڪرز پارٽي جي ھڪ ذميوار ساٿي ساڻ رکي وئي ته بھتر موٽ نه ملي.

ڪامريڊ اظھر جتوئي وڏي عرصي کان شگر جي بيماري جوشڪار رھيو ھن جا گڙدا ۽ سندس پير پڻ متاثر ٿيا پر هن بيماري جي پرواھ ڪرڻ بدران جدوجھد جاري رکي لاڏاڻي کان ٿوري عرصواڳ ھن حيدرآباد ۾ ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف ڌرڻي ۽ نيشنل پارٽي پاران ڪوٺايل مير حاصل بزنجو جي تعزيتي ميڙاڪي ۾  شرڪت ڪئي.

ڪامريڊ اظھر 18نومبر 2020ع تي صبح جو دل بند ٿي وڃڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.