بڊاڻي ويجهو ڳوٺ تي پوليس چڙهائي، تشدد، نوجوان کنڀي گم، احتجاج

بڊاڻي ( رپورٽ : مقبول مڙل ) بڊاڻي ويجهو ڳوٺ سونو خان سومرو ۾ گهوٽڪي ضلعي جي سرحد پوليس بلا جواز گهر تيمبينا ڇڙهائي ڪري چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪري ٻارڙن ۽ عورتن مٿان تشدد ڪري نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو نوجوان جي وارثن جو سرحد پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي  ڳوٺاڻن سونو خان سومرو علي بخش سومرو سُهاڳڻ خاتون بچل خاتون مومل خاتون ۽ ٻين ميڊيا اڳيان ڌانهندي چيو ته گذريل رات دير سان گهوٽڪي ضلعي سرحد ٿاڻي جو ايس ايڇ او بلا جواز اسان جي گهرن مٿان چڙهائي ڪري گهر ڀنڃ ڍراه ڪري چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪندي ٻارڙن ۽ عورتن مٿان تشدد ڪري گهر ۾ پيل نياڻين جو ڏاج ۽ اسان جي نوجوان شهزادو سومرو کي کنڀي کڻي وئي آهي هنن چيو ته اسان مسڪين آهيون اسان جي نوجوان مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو ڪيس وغيراه به داخل ناهي هنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته فورن نوٽيس وٺي اسان جي نوجوان کي پوليس کان آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سرحد ٻدايو ته اسان نوجوان کي گرفتار ناهي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.