ووٽنگ مشين”شيطاني دماغ “دفن ڪرڻ لاءِ آهي: شاهه محمود

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چونڊ قانونن ۾ ترميم ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) متعارف ڪرائي اسان ماضي جا داغ ڌوئڻ چاهيون ٿا،پارليامينٽ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته 1970ع کانپوءِ جيتريون به چونڊون ٿيون انهن تي سوال اٿيا، وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجو رخ صحيح ڪريون ۽ اهڙي قانونسازي ڪريون ته سدائين جي لاءِ آزاداڻو، شفاف ۽ اعتماد جوڳو چونڊ نظام لاڳو ٿئي، حڪومت جي صفن ۾ يڪجهتي ۽ اتحادي گڏ بيٺل آهن، قانونسازي جي لاءِ سمورو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو آهي، اي وي ايم مشين انهن ناپاڪ ارادن کي دفن ڪرڻ جي لاءِ آندي پئي وڃي سمنڊ پار پاڪستانين جا ڊالر انهن کي قبول آهن، انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ منظور نه آهي، چونڊن کي چوري ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ سمورا ميمبر چونڊ قانونن ۾ ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.