راڻا شميم جو حلفي بيان ظاهري طور تي ڪوڙو آهي: اعتزاز احسن

لاهور ( م ڊ) سينئر سياستدان ۽ وڪيل بيرسٽر اعتزاز احسن گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي حلفي بيان کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو ته راڻا شميم جو حلفي بيان ظاهري طور تي ڪوڙو آهي. اهو حلفي بيان ماضي جي ڪيلبري فونٽ ۽ قطري خط جهڙو دنگل آهي. ڪوبه چيف جسٽس کلي عام اهڙي طرح جون هدايتون نٿو ڏئي سگهي. جسٽس عمر فاروق نوازشريف ۽ مريم نواز جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ۾ شامل نه هو ۽ ان وقت هو ملڪ ۾ به نه هو. اعتزاز احسن چيو ته ان ۾ ڪابه شڪ جي ڳالهه نه هجڻ گهرجي ته راڻا  شميم جي حلفي بيان پٺيان ڪير آهي. راڻا شميم جو ڀاءُ 6 تاريخ تي فوت ٿيو ۽ هو 8 تاريخ تي لنڊن ۾ حلفي بيان تيار ڪري رهيو هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.