اي وي ايم شيطاني مشين، ايندڙ چونڊون نه مڃينداسين: شهباز/بلاول

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته قاننسازي گڏيل مشاورت ۽ اتفاق راءِ سان ٿيڻ گهرجي،اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي تائيد ڪريون ٿا پر طريقيڪار تي اختلاف آهي. ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ تي اسان جا خدشا آهن. 2018ع جي چونڊن ۾ آر ٽي ايس جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان کانپوءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي به هاڻي اسان جا خدشا آهن. جيڪڏهن قانونسازي کي بلڊوز ڪرڻ ڏنو ويو ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي،ن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قانونسازي سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي متفقه ٿيڻ گهرجي، ان تي گڏجي ويهي سڌارا ڪريون، ان تي ڪنهن کي اعتراض نه هوندو، حڪومت بيروزگاري ۽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ قدم کڻي، ان جو ڀرپور ساٿ ڏينداسين. مخالف ڌر جي مالفت جي باوجود اي وي ايم جو قانون منظور ڪيو ويو ته ان تحت ٿيندڙ چونڊون تڪراري ٿينديون. ان تي گڏجي ويهي سڌارا ڪريون، ان تي ڪنهن کي اعتراض نه هوندو. هن  چيوته پاڪستان جي اسٽيٽ بئنڪ ان ايوان کي جوابده هجڻ گهرجي، ڪو ادارو هن ايوان کان بالادست نه آهي. هن 2017ع جي آدمشماري جي حوالي سان چيو ته اسان ان عبوري آدمشماري کي ان شرط تي مڃيو هو ته ان جي ڪجهه حصن کي ڪائونٽر چيڪ ڪيو ويندو. آدمشماري۾ نانصافي نه ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.